Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

ڪپڙن جي اندر وِڇون آهي، ته اسان خُوش ٿي ڪري ان جو اِحسان مڃينداسين ۽ وِڇونءَ کي پنهنجي ڪپڙن مان ڪڍي ڪري ماري ڇڏينداسين، حالانڪه وِڇونءَ جو زہر صِرۡف بدن تائين مَحدود آهي ۽ ان جي تڪليف هڪ يا ٻه ڏينهن تائين رہندي آهي، جڏهن ته بُري اَخۡلاق جي زہر جو  اَثر اسان جي

 

ضمير تي ٿيندو آهي ۽ هن ڳالھ جو خَوف ٿيندو آهي ته مَرڻ کان پوءِ ہميشہ يا وڏي عرصي  تائين اَثر باقي رهي۔ هاڻي حالت هي آهي ته ڪو اسان کي اسان جي عيبن تي مُطَّلَع ڪري ته اسان هي ٻُڌي ڪري خُوشي نٿي ٿئي ۽ نه ئي اسان ان جي ٻُڌائڻ تي اُن عيبن کي دُور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون بلڪه اسان نصيحت ڪرڻ واري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهيون ۽ ان کي چوندا آهيون ته تو ۾ به ته فُلان فُلان عيب آهن۔([1])

بَہرحال هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته حاڪم ہجي يا محڪوم، سيٺ ہجي يا نوڪر، افسر ہجي يا مزدُور، ڊاڪٽر ہجي يا مريض، ٺيڪيدار ہجي يا مِستَري، استاد ہجي يا طالبِ علم، ڀاڄائيِ ہجي يا ڏيرياڻي، سَس ہجي يا نُنهن، الغَرَض عيب جوئيءَ جي هن منحوس بيماريءَ ہر طبقي ۾ پنهنجا چنبا کُپائي رکيا آهن۔ انسان جڏهن ڪنهن جون ڪمزوريون  ظاهر ڪرڻ تي اچي ويندا آهن ته اهي اَخۡلاقيات جون تمام حدون پار ڪري ڇڏيندا آهن ۽ خُوني رِشتا به ان جي نظر ۾ بي قدۡر ۽ بي قيمت ٿي ويندا آهن ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن اهڙي بدبختي غالب اچي ويندي آهي جو  ہدايت جي روشن



[1]…  احیاء العلوم،۳/۱۹۶ بتغیر قلیل