Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail
ڳالهيون ڪندو هو، ان جي مرڻ کان بعد مون ان کي خواب ۾ ڏٺو ته ڪاڻون آهي۔ مون پڇيو: هي ڇا مُعاملو آهي؟ جواب ڏنائين: مون صَحابَهء ڪرام (عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان) جي مبارَڪ شان ۾ عيب ڪڍيا، اللہ عَزَّوَجَلَّ مون کي عيب دار ڪري ڇڏيو۔ هي چئي ڪري ان پنهنجي ٽيڙي اَک تي ہٿ رکي ورتو۔
(شرحُ الصُّدور،باب فی نبذ من اخبار …الخ، ص۲۸۰ ملخصاً)
|
محفوظ سَدا رکھنا شَہا!بے اَدَبوں سے |
|
اور مجھ سے بھی سَرزَد نہ کبھی بے اَدَبی ہو |
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان ڪيل واقعي مان جتي اسان کي صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي شان ۽ عظمت معلوم ٿي، اُتي هي به سکڻ لاءِ مليو ته جيڪڏهن زبان کي آزاد ڇڏيو وڃي ته ڪڏهن ڪڏهن هي عيب جوئي ۾ ان خطرناڪ حد تائين بي قابو ٿي ويندي آهي ته اللہ وارن جي شان ۾ به بَڪ بَڪ ڪرڻ لڳندي آهي، تنهنڪري اِن کي قابو ۾ رکڻ اِنتہائي ضروري آهي، نه ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو اها ئي زبان اسان کي روزِ محشر ذليل ۽ رُسوا ڪري ڇڏي، جيئن ته هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: زبان هڪ شڪاري جانور وانگر آهي، جيڪڏهن تون ان کي ٻَڌي ڪري نه رکندي ته هيءَ تنهنجي دُشمن بڻجي ويندي ۽ تو کي نُقصان پہچائيندي۔
(المستطرف ،الباب الثالث عشر …الخ ،الفصل الاول فی الصمت وصون اللسان ، ۱ / ۱۴۶)
ياد رهي ته هڪ مُسَلمان تي حق آهي ته اهو نه ڪنهن کي گار ڏئي، نه بِلا اجازتِ شَرعي ڪنهن کي بُرو چئي، نه ڪنهن جي غيبت ڪري ۽ ٻُڌي، نه ڪنهن جا عيبَ ظاهر ڪري، نه ڪنهن جا راز کولي، نه ڪنهن کي تڪليف