Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

عزّت جو تَحَفُّظ ڪري، ته اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ذِمَّهء ڪرم تي آهي ته اهو ان کي جہنّم کان آزاد ڪري ڇڏي۔ (مُسندِ احمد،من حدیث اسماء ابنۃ یزید،۱۰/۴۴۵،حدیث:۲۷۶۸۰)

 هڪ ٻي جڳھ تي اِرشاد فرمايو: جنهن دُنيا ۾ پنهنجي ڀاءَ جي عزَّت جي حفاظت ڪئي، اللہ عَزَّوَجَلَّ قِيامت جي ڏينهن هڪ فِرِشتو موڪليندو، جيڪو جہنّم کان ان جي حفاظت فرمائيندو۔

               (موسوعۃ لابن ابی الدنیا،کتاب الغیبۃ و النمیمۃ،باب ذم المسلم عن عرض اخیہ،۴/۳۸۵،حدیثJ۱۰۵) 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عمومًا پهريان جي مسلمانن ۾ خَوفِ خُدا وڏي حد تائين نظر ايندو هو، بِالۡخُصُوص مسلمانن جي عيبن جي پردہ پوشي ۽ اُن جي عزّت جي حفاظت جي مُعاملي ۾ ته اُنهن جو انتہائي زبردست مَدَني ذہن بڻيل ہوندو هو، جيڪڏهن اُنهن جي سامهون ڪو شخص ڪنهن مسلمان جي غيبت  ڪندو يا ان جي معمولي به بُرائي ڪندو هو ته اُن جي غيرتِ ايماني جاڳي پوندي هئي ۽ اهي پنهنجي پَرائي جي پرواھ ڪرڻ جي بغير عيب جوئي ڪرڻ واري کي سڌي سنئين انداز ۾ هن بُري ڪم تي خبردار ڪري ڇڏيندا هئا۔ اچو ته! انهيءَ متعلق  ٻه (2) اِيمان اَفروز واقعا سماعت ڪريون. جيئن ته

پُٽ کي نصيحت

       حضرت سَيدُنا شيخ سَعۡدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  پنهنجي ننڍپڻ جو واقعو بيان ڪندي فرمائن ٿا: آئون ننڍپڻ ۾ پنهنجي والدِ محترم سان گڏ شبِ بيداري ۾ مصروف هئس ۽ قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪري رہيو هئس۔ اسان جي اِرد گِرد ڪجھ ماڻهون سُتل هئا۔  مون پنهنجي والد صاحب کي چيو: اِنهن ماڻهن مان