Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

حضرت سيدُنا عيسيٰ رُوۡحُ اللہ عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام   جن پنهنجي حَوارين کي فرمايو: جيڪڏهن توهان پنهنجي ڀاءَ کي هن حال ۾ سُتل ڏسو جو هَوا ان تان

ڪپڙو ہٽائي ڇڏيو آهي ته توهان ڇا ڪندؤ؟ اُنهن عرۡض ڪيو: ان جي پردہ پوشي ڪنداسين ۽ ان کي ڍڪينداسين۔ ته پاڻ عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام  جن فرمايو: بلڪه توهان ان جو پَردو هٽائي ڇڏيندؤ۔ حَوارين حَيرت وچان چيو: ڀَلا ائين ڪير ڪندو؟ ته پاڻ عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام     جن فرمايو: توهان مان ڪو پنهنجي ڀاءَ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌندو آهي ته ان کي وڌائي چَڙھائي ڪري بيان ڪندو آهي ۽ هي ان کي بَرَہۡنه يعني اُگھاڙي ڪرڻ کان وڏو گناھ آهي۔ (احیاء العلوم،۲/۶۴۴بتغیرقلیل)

اللہ اڪبر!  توهان ڏٺو ته جيڪڏهن ڪنهن جي ضرورتًا بُرائي ظاہر ڪرڻي پوي، پر ان کي وڌائي چڙھائي ڪري بيان ڪرڻ ڪيترو وڏو گناھ آهي۔ ظاہر آهي ته پنهنجي طرف کان جيترو اِضافو ڪيو اهو سڀ ڪوڙ هوندو ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ڪبيرہ گناھ آهي۔ بہرحال ڪنهن جي پوشيدہ بُرائي ٻين جي سامهون بيان ڪرڻ جي اجازت صِرۡف اِنهيءَ صورت ۾ آهي ته جڏهن اها بُرائي ٻين جي حق ۾ نُقصان دہ ہجي ۽ جيڪڏهن ائين ناهي ته ٻين کي ٻڌائڻ ۽ سڀني جي نظرن ۾ هڪ مُسلمان کي ذليل ۽ خُوار ڪرڻ جي بجائي اڪيلائي ۾ نرمي سان ان جي اِصلاح جي ڪوشش ڪئي وڃي، ڇو جو جيڪڏهن سڀني جي سامهون  توهان ڪنهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪندا ته عين ممڪن آهي ته اهو ضِدّي بڻجي وڃي ۽ پنهنجي غَلَطي تسليم ڪرڻ جي بجائي اُبتو توهان کي رُسوا ڪري ڇڏي، تنهنڪري حتّي الۡاِمڪان تنهائي (اڪيلائي) ۾ نصيحت ڪئي وڃي ته هي نهايت مؤثر ثابت ٿيندي آهي،جيئن ته

اڪيلائي ۾ نصيحت دَرحقيقت زينت آهي