Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بَيان جو خُلاصو

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان مسلمانن جي عيب بيان ڪرڻ جي مذمت، اُن جي عيبن تي پردو وجھڻ جي فضليت ۽ پنهنجي عيبن تي نظر رکندي اُن جي اِصۡلاح ڪرڻ جي باري ۾ قرآن ۽ حديث جا اِرشادات ۽ بُزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ  تَـعَالٰی اَجۡمعِیۡن جا اَقۡوال ۽ واقعات ٻُڌاسين، قُرآنِ ڪريم ۾ ٻين جي عيبَ معلوم ڪرڻ کان منع ڪندي ارشاد فرمايو ويو ﴿ وَّ لَا تَجَسَّسُوۡا   (۽ عيب نه ڳولهيو) گڏوگڏ حديثِ پاڪ ۾ ان شخص کي خوشخبري عطا ڪئي وئي آهي، جنهن کي پنهنجي عيبن جي اِصۡلاح جي مَصۡروفيت، ٻين جي عيبَ بيان ڪرڻ کان باز رکي گڏوگڏ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي طرف کان ٻانهي جي حق ۾ هيءَ ڀَلائي جي ڳالھ آهي ته ان کي پنهنجا عيبَ نظر اچن، اهو ئي  سبب آهي ته اسان جا اَسۡلاف رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ  تَـعَالٰی اَجۡمعِیۡن ٻين جي عُيبن، ڏسڻ ٻُڌڻ کان عافيت طَلَب ڪندا هئا جيئن ته حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن دُعا جي ذريعي ماڻهن جي عضوَن کان وُضو جي وَهڻ وارن قطرن جي ذريعي، اُنهن جي گناھن تي مُطَّلَع ٿيڻ واري ڪشۡف کي ختم ڪرائي ڇڏيو، اهڙي طرح حضرتِ سَيدُنا شيخ سَعۡدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ننڍپڻ ۾ غير ارادي طور تي ماڻهن جي بُرائي سَرزَد ٿي ته اُن جي  والدِ ماجِد جن فوراً خبردار ڪندي ارشاد فرمايو: ته ماڻهن جي غيبت ڪرڻ جي بجائي، جيڪڏهن تون سُتل رهين ها ته وڌيڪ بهتر هو، بہرحال ٻين جي بُرائي ڪرڻ وارن يا بُرائي ٻُڌي ڪري لطف اندوز ٿيڻ وارن کي گھرجي ته اللہ عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄن، ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو