Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

ماڻهن جا عيب ظاهر ڪرڻ جي سبب اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان جا لڪيل عيب ماڻهن تي ظاہر فرمائي ڇڏي، تنهنڪري فوراً هن گناھ کان توبھ ڪريو گڏوگڏ جن جون غيبتون ۽ بُرائيون بيان ڪري اُنهن کي ذليل ۽ رُسوا ڪيو، اُن کان مُعافي به گھُري وٺو ۽ آئندہ جي لاءِ ٻين جي بُرائي کان بچڻ،صرف پنهنجي عيبن تي نظر رکڻ ۽ اُن جي اِصۡلاح جي ڪوشش ڪرڻ جي نِيت ڪري وٺو 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ٻارنهن مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم”علاقائي دَورھ برائي نيڪي جي دعوت“

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! گناھن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ پنهنجي اندر اَخۡلاقي خُوبيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ذيلي حلقي  جي ٻارنهن مدني  ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حِصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي ٻارنهن مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”عَلاقائي دَورہ برائي نيڪي جي دعوت“ به آهي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ، نهايت ئي عظيم الشّان ڪم آهي. جيئن ته

       حضرت سَيدُنا عَلي الۡمرتَضٰي، شيرِ خُدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کان روايت آهي ته شاھِ آدم و بني آدم، رسولِ مُحتَشَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اِرشادِ مُعظَّم آهي: جہاد جون چار قسمون آهن: (1) نيڪي جو حڪم ڏيڻ (2) بُرائي کان منع ڪرڻ (3) صَبۡر جي مقام تي سچ چَوڻ ۽ (۴) فاسِقن کان بُغض رکڻ۔ جنهن نيڪي جو حڪم ڏنو، ان مؤمنن جا ہٿ مضبوط ڪيا ۽ جنهن بُرائي کان منع