Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

توهان جي دسترخوان تي ٻه (2) طعام ہوندا آهن ۽ توهان وٽ ڪپڙن جا ٻه (2) جوڙا آهن، هڪ ڏينهن  ۾ پهريندا آهيو ۽ ٻيو رات ۾۔ اَميرُ المومنين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: اِن کان عِلاوہ ڪا ڳالھ؟ عرۡض ڪيائون:  ڪا به نه۔ اِن

تي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: اِن ٻنهي ڳالهين جي مُتَعَلِق توهان تسلّي رکو۔([1])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته جيڪڏهن ڪو ہَمدَرۡد ۽ مُخۡلِص اسلامي ڀاءُ اسان کي اسان جي اندر موجود ڪنهن عيب کان مُتَعَلِّق ڪري ته رنجيدہ  يا ناراض ٿي ڪري سِرَ جو جواب پٿر سان ڏيڻ يا اُبتو ان جون ئي ڪمزوريون کولڻ جي غَلَطي ڪرڻ جي بجائي ان جو شڪريه اَدا ڪرڻ گھرجي ته درحقيقت اهو اسان جو سڀ کان وڏو مُحسن آهي، ڇو جو جيڪڏهن اهو هن عيب کي اسان کان لڪائي وٺي ها ته ممڪن هو ته اهو ئي عيب اسان کي ہلاڪت ۽ بربادي جي حوالي ڪري ڇڏي ها،اَحاديثِ مبارَڪه ۾ آهي ته پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي ان جي عيبن تي مُطَّلَع ڪرڻ جي باقاعدہ ترغيب به اِرشاد فرمائي وئي آهي۔ جيئن ته،

مؤمن، مؤمن جو آئينو آهي

     سرڪارِ ابد قرار،شفيعِ روزِ شُمار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: اَلْمُؤْمِنُ مِرْاٰةُ الْمُؤْمِنِِ وَالْمُؤْمِنُ اَخُو الْمُؤْمِنِِ يَكُفُّ عَنْهُ ضَيْعَتَهُ وَ يَحُوْطُـهُ مِنْ وَّرَائِهٖ يعني مؤمن، مؤمن جو آئينو آهي، مؤمن، مؤمن جو ڀاءُ آهي ته ان کان ان جي ہلاڪت کي



[1]…  احیاء العلوم،۳/۱۹۴-۱۹۵ ملخصاً