Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

آهي۔ (تَنبِیہُ الْغافِلین ،باب الغیبۃ،ص۸۸)                                                   

ٻين جي عيبن کان غافل ڪرڻ واري شيء

           حضرت سيدَتُنا رَابِعَہ عَدَوِيهَّ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا   فرمائن ٿيون: ٻانهو جڏهن اللہ ربُّ العزّت عَزَّوَجَلَّ جي مَحَبَّت جو مزو چکي وٺندو آهي، اللہ عَزَّوَجَلَّ ان (شخص) کي سندس عَيبن تي مُطَّلَع فرمائي ڇڏيندو آهي ۽ انهي سبب اهو ماڻهن جي عيبن ۾ مشغول نه ٿيندو (بلڪه پنهنجي عيبن جي اِصلاح جي طرف مُتَوجھ رہندو آهي)                

                                                (تَنبِیہُ الْمُغتَرِّیْن،ومن اخلاقہم:الاشتغال بعیوب انفسہم …الخ، ص۱۹۷)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان مان هر شخص کي گھرجي ته جهڙي طرح پنهنجي بُرائين ۽ عيبن جي باري ۾ ٻين کان پردہ پوشي جي خواہش رکندو آهي، اهڙي طرح ٻين جي عيبن تي پردي رکڻ کي به پسند ڪري، ڇو جو ايمان جي ڪامل ٿيڻ جي علامت هي آهي ته مسلمان ٻي جي لاءِ به اهو ئي پسند ڪري، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪندو هجي جيئن ته،

قُربان روزِ محشر دامن کا پردہ ڈھک کر    عیبوں کو میرے سَروَر خود ہی چُھپا رہے ہیں

 (وسائلِ بخشش،ص 302)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڪامِل مُسَلمان جي نشاني

      پياري آقا، مڪي  مَدَني مُصۡطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: لَايؤۡمِنُ اَحَدُکمۡ حَتّٰي يحِبَّ لِاَخِيہِ مَا يحِبُّ لِنَفۡسِہٖ توهان مان ان وقت تائين ڪو ڪامِل