Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

ڪيو، ان فاسِقن جو نڪ مٽيء سان ڀري ڇڏيو۔([1]) گڏوگڏ هڪ حديث ۾ آهي ته پياري آقا، مڪي مدني مُصۡطَفٰي  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان عرض ڪئي وئي: ماڻهن ۾ بہتر ڪير آهي؟ ارشاد فرمايو: پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ کان زيادہ ڊڄڻ وارو، رشتيدارن سان صِلَهء رحمي زيادہ ڪرڻ وارو، وڌ کان وڌ نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ وارو(سڀ کان بہتر آهي)۔ ([2]) اچو ته! بطورِ ترغيب علاقائي دَورو برائي نيڪي جي دعوت تي مشتمل هڪ  مَدَني بہار ٻُڌون ۽ پنهنجي اندر نيڪي جي دعوت جو جذبو بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. جيئن ته،

باغ جو جُھولو

حيدر آباد (بابُ الاسلام سنڌ) جي هڪ  پاڙي ۾ عَلاقائي دَورو برائي نيڪي جي دعوت سان مُتاثِّر ٿي ڪري هڪ ماڊرن نوجوان مسجِد ۾ اچي ويو۔ بيان ۾ مَدَني قافِلن ۾ سفر جي ترغيب ڏياري وئي ته ان مَدَني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ نالو لکرائي ڇڏيو۔ اڃا مَدَني قافلي ۾ سندس رَوانگي ۾ ڪجھ ڏينهن باقي هئا ته قَضائي الٰہي کان ان جو اِنتِقال ٿي ويو۔ ڪنهن اَہلِ خانه مَرحوم کي خواب ۾ هن حالت ۾ ڏٺو ته اهو هڪ سرسبز باغ ۾ ہَشّاش بَشّاش جُھولو جُھولي رهيو آهي۔ پڇيو ويو، هتي ڪيئن آئين؟ جواب ڏنائين: دعوتِ اسلامي جي مَدَني قافلي  سان گڏ آيو آهيان، اللہ عَزَّوَجَلَّ جو وڏو ڪرم ٿيو آهي منهنجي ماءُ کي چئي ڇڏجان ته منهنجو غم نه ڪري، آئون هتي وڏي سُک ۾ آهيان۔

 



[1]… حِلْیَۃُ الْاولیاء،محمد بن سوقۃ،۵/۱۱ ،حدیث : ۶۱۳۰

[2]… شعب الایمان،باب فی صلۃ الارحام، ۶/۲۲۰، حدیث: ۷۹۵۰