Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

تارن يعني صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جهڙي مُقدَّس ہستين تي به طَعن ۽ تَشۡنِيع ڪرڻ ۾ مبُتلا ٿي ويندا آهن ۽ اُهي پاڪيزہ شخصيات به ان بد نصيب کي مَعَاذَ اللہ عَزَّوَجَلَّ عيب دار نظر اينديون آهن۔ اهڙن کي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي خُفۡيه تدبير کان ڊڄي وڃڻ گھرجي، ڇو جو صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ وارو دُنيا ۾ به ذِلّت جو مَزو چکندو آهي ۽ مَرڻ کان پوءِ به ذِلّت ۽ خواري ان جو مقدَّر بڻجي ويندي جئين ته

        ٻنهي جہانن جي تاجۡوَر، سلطانِ بَحروبَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: منهنجي صحابه جي باري ۾ اللہ عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄو، مون کان پوءِ اُنهن کي (تنقيد جو) نشانو نه بڻايو، جنهن اُنهن سان مَحَبَّت رکي، ته ان منهنجي مَحَبَّت جي سبب اُن سان مَحَبَّت رکي ۽ جنهن اُنهن سان بُغض رکيو، ته ان مون سان بُغض جي سبب اُنهن سان بغض رکيو ۽ جنهن اُنهن کي اَذِيت ڏني، ان مون کي اَذِيت ڏني ۽ جنهن مون کي اَذِيت ڏني، ان اللہ تعاليٰ کي اَذِيت ڏني ۽ قريب آهي ته اللہ تعاليٰ ان جي پڪڙ فرمائي وٺي۔

                                (ترمذی،کتاب المناقب ،باب فی من سبّ اصحاب النبی  ،حدیث: ۳۸۸۸، ۵/۴۶۳)

عَداوت اور کینہ اُن سے جو رکھتا ہے سینے میں

 

وہی بدبخت ہے ملعون ہے مردود شیطانی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

      اچو ته! هاڻي آئون توهان جي سامهون صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي شانِ عاليشان ۾ عيب تلاش ڪرڻ واري هڪ بدنصيب شخص  جي عبرت ناڪ انجام تي مشتمل هڪ حڪايت پيش ڪندو هلان، جيئن ته

صحابهء ڪرام ۾ عيب ڪڍڻ جو انجام

        حضرت سَيدُنا امام جلالُ الدّين سُيوطي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نقل فرمائن ٿا ته هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن اِرشاد فرمايو: منهنجو هڪ پاڙيسري گمراہيءَ جون