Share this link via
Personality Websites!
مسلمانن جي عيبن جي پردہ پوشي ڪرڻ جو ذہن بڻجندو. جيئن ته،
حضرت سَيّدُنا عَبدُاللہ بِن عَبّاس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جن جو فرمان آهي: اِذَا اَرَدْتَ اَنْ تَذْكُرَ عُيُوبَ صَاحِبَكَ فَاذْكُرْ عُيُوبَكَ جڏهن تون پنهنجي ساٿي جون بُرائيون بيان ڪرڻ چاہين ته پنهنجي بُرائين کي ياد ڪري وٺندا ڪريو۔
(تَنبِیہُ الْغافِلین ،باب الغیبۃ،ص۸۸)
حضرتِ سيّدُنا حَسَن بَصرِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: اي ابنِ آدم! تون ان وقت تائين ايمان جي حقيقت کي حاصل نه ڪري سگھندي، جيستائين ماڻهن جا عَيبَ تلاش ڪرڻ تَرۡڪ نه ڪرين، جيڪي عَيبَ تون پنهنجي اندر موجود ڏسين اُن جي اِصلاح شروع ڪري ڇڏ ۽ اُنهن کي پنهنجي ذات کان دُور (ختم) ڪر، جڏهن تون ائين ڪندي ته هي شيء توکي پنهنجي ئي ذات ۾ مشغول ڪري ڇڏيندي ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي نزديڪ اهو ٻانهو سڀ کان وڌيڪ پسنديدہ آهي۔
(موسوعۃ لابن ابی الدنیا،باب الغیبۃ و ذمہا،۴ /۳۵۹ ،رقم:۶۰ )
مشہور تابِعي بُزرگ حضرت سيدُنا مُجاہِد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن ڪو شخص پنهنجي مسلمان ڀاءُ جو ڀلائي سان گڏ ذِڪۡر ڪندو آهي، ته ان سان گڏ رہڻ وارا فِرِشتا ان کي دُعا ڏيندا آهن ته تنهنجي لاءِ به ائين ئي ٿئي ۽ جڏهن ڪو پنهنجي ڀاءُ کي بُرائي (يعني غيبت وغيرہ) سان ياد ڪندو آهي، ته فِرِشتا چوندا آهن: اي انسان! تو ته اُن جي پوشيدہ ڳالھ ظاہر ڪري ڇڏي! ٿورو پنهنجي طرف ڏس ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جو شڪر ڪر ته ان تنهنجو پردو رکيو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami