Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

ويندو آهي، جيڪڏهن هن سان به غُصَّو ٿڌو نه ٿئي ته هٿا پائي کان به ڪم ورتو ويندو آهي، آخرڪار هن جُرم جي بَدلي ان کي ڌِڪا ڏئي ڪري نوڪري مان ڪڍيو ويندو آهي۔ اسان جا بُزرگ عَـلَيْهِمۡ رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام بي شمار خُوبين جا

سيدُنا فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو طرزِعمل

خليفهء دُوُم اَميرُالۡمؤمنين  حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اَعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عيبن تي مُطَّلَع ٿي وڃڻ کي تحفو خيال ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا :اللہ عَزَّوَجَلَّ ان شخص تي رَحم فرمائي، جيڪو پنهنجي ڀاءَ کي عيب تي مُطَّلَع ڪرڻ جي صورت ۾ ان کي تحفو ڏيندو آهي۔ (احیاء العلوم، ۲/۶۶۲)  گڏوگڏ يقيني جنّتي ٿيڻ ۽ عيبن جي بجائي بي شُمار خُوبين جو مالڪ هئڻ جي باوُجود ارشاد فرمائيندا هئا: اللہ عَزَّوَجَلَّ ان شخص تي رَحم فرمائي،جيڪو مون کي منهنجا عيبَ ٻُڌائي۔

هڪ ڀيري حضرت سَيدُنا سَلمان فارسي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اَميرُالمومنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اَعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن اُن کان پڇيو: مون ۾ ڪهڙي ڳالھ توهان کي ناپسنديدہ معلوم ٿيندي آهي؟ حضرت سَيدُنا سَلمان فارسي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ٻُڌائڻ کان مَعۡذِرَت ڪئي، اَميرُ المومنين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن اِصرار ڪيو ته اُنهن عرۡض ڪيو: مون کي خبر پئي آهي ته