Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ ([1])

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا

 

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب

اچوته! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي ”101 مدني گُلَ“ مان سُرمي لڳائڻ جون سُنتون ۽ آداب سماعت ڪريون: ]1[ ”سننِ ابن ماجه“ جي روايت ۾ آهي: ”سڀني سرمن مان بهتر سرمو ”اِثمِد“ آهي جو اهو نظر کي روشن ڪري ۽ پلڪون وڌائي ٿو“۔ (ابن ماجہ، حديث 3497 ج 4 ص 115) ]2[ پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجل زينت جي قصد (يعني زينت جي ارادي) سان مرد کي لڳائڻ مڪروهه آهي ۽ زينت جو ارادو نه هجي ته ڪراهت ناهي۔ (عالمگيري ج 5 ص 359) ]3[ سرمو سمهڻ مهل استعمال ڪرڻ سنّت آهي۔ (مِراٰةُ المناجيح ج 6 ص 180) ]4[ سرمي استعمال ڪرڻ جي ٽن منقول طريقن جو خلاصو پيش خدمت آهي: (1) ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي



[1]… مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵