Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

پردہ پوشي جي فضائل جي باري ۾ 3 فرامينِ مُصۡطَفٰي  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مُلاحَظَه ڪريون:

1.       مَنْ رَا ٰی عَوْرَۃً فَسَتَرَ ھَا كَانَ كَمَنْ اَحْيَا مَوْ ءُوْدَةً مِّنْ قَبْرِهَا يعني جيڪو ڪنهن جو پوشيدہ عيب ڏسي، پوءِ ان کي، لڪائي ته اهو ان شخص وانگر هوندو جنهن زندھ دفنايل نينگري کي قَبۡر مان ڪڍي ڪري ان جي جان بچائي ورتائين۔([1])

2.       اِذَا اَرَادَاللہُ بِعَبْدٍخَیْرًا بَصَّرَہُ عُیُوْبَہُ يعني جڏهن اللہ عَزَّوَجَلَّ ڪنهن ٻانهي سان ڀلائي جو اِرادو فرمائيندو آهي، ته ان کي سندس عيبن کان باخَبَر فرمائي ڇڏيندو آهي۔  ([2])

3.       مَنْ سَتَرَ مُسْلِمًاسَتَرَهُ اللهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ  يعني جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي عيب پوشي ڪري، ته خُدائي ستّار عَزَّوَجَلَّ قِيامت جي ڏينهن ان جي عيب پوشي فرمائيندو۔ ([3])

مُفَسِّرِ شَہِير، حڪيمُ الاُمَّت مفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪيل آخري حديث جي شرح ڪندي فرمائن ٿا: يعني جيڪڏهن ڪو حيا دار شخص پوشيدہ طور تي نامُناسب حرڪت ڪري ڇڏي، پوءِ پڇتائي ته تون ان کي پوشيدہ طور تي ئي سمجھاءِ  ته جيئن ان جي اِصلاح ٿي وڃي، ان کي بدنام نه ڪر، جيڪڏهن تو پنهنجي ڀاءَ تي پردو رکيو ته اللہ تعاليٰ قيامت ۾ تنهنجي گناھن



[1]…  مسنداحمد،مسند الشامیین، حدیث عقبۃ بن عامر الجہنی،۶/۱۲۶،حدیث:۱۷۳۳۴

[2]…  شعب الایمان ، باب فی الزھد وقصر الأمل، ۷/۳۴۷،حدیث:۱۰۵۳۵ملتقطاً

[3]…  بخاری،،کتاب المظالم والغصب،۲/۱۲۶، حدیث: ۲۴۴۲