Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

مؤمن نٿو ٿي سگهي، جيستائين  جو پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ به اها شيء پسند نه ڪري، جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي۔(بخاری ، کتاب الایمان،باب من الایمان…الخ ،حدیث:۱۳،۱/۱۶ )                                    

           حُجَّةُ الۡاِسۡلَام حضرت سَيِّدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا: سمجھي وٺو ته انسان جو اِيمان ان وقت تائين ڪامِل نٿو ٿئي، جيستائين جو اهو پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ ان شيء کي پسند نه ڪري، جيڪا اهو پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي ۽ ڀائيچاري جو گهٽ ۾ گهٽ دَرَجو هي آهي ته پنهنجي ڀاءُ سان اهڙو مُعاملو ڪيو وڃي، جهڙو مُعاملو ان جي طرف کان پنهنجي حق ۾ پسند ڪندو هجي۔ اِن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته توهان پنهنجي ڀاءُ کان پنهنجي حق ۾ پردہ پوشي، بُرائين ۽ عيبن تي سُڪوت (خاموشي) جي اُمّيد ڪندو آهين ۽ جيڪڏهن اُمّيد جي بَرخلاف ڪجھ ظاہر ٿئي ته يقينًا ان تي غضبناڪ ٿيندي، ته هي ڪهڙي بي عقلي آهي جو تون ان کان ته پردہ پوشي جي اُمّيد رکين جڏهن ته خود ان جي عيبن تي پردو نه رکين۔ حیاء العلوم،۲/۶۴۴-۶۴۵ملخصاً) 

حديثِ قُدۡسِي ۾ آهي: عَجِبْتُ لِمَنْ یَّشْتَغِلُ بِعُیُوْبِ النَّاسِ وَ ھُوَ غَافِلٌ عَنْ عُیُوْبِ نَفْسِہٖ يعني حَيرت آهي ان شخص تي جيڪو ماڻهن جا عَيبَ تلاش ڪرڻ ۾ ته مصروف رہندو آهي، پر پنهنجي عيبن کان غافل آهي۔

                          (مجموعة رسائل الامام الغزالی،المواعظ فی الاحادیث القدسیة ،الموعظۃ الاولٰی ،ص۵۶۵) 

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، مڪي  مَدَني مُصۡطَفٰي
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مختلف موقعن تي مسلمانن جي عيبَ ظاهر ڪرڻ کان منع ڪندي پردہ پوشي جا فضائل بيان فرمايا آهن۔ اچو ته! ترغيب جي لاءِ