Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

مِلائڻ جي ناداني ڪرڻ جي بجائي اِصلاح جي نِيت سان اَحسن انداز ۾ ان کي نيڪي جي دعوت ڏيندي ۽ هن ڳالھ جو اِحساس ڏياريندا هئا ته مُسَلمان جي غيبت ڪرڻ يا ان جا عيبَ ظاہر ڪرڻ کان جتي هڪ مسلمان جي عزّت خراب ٿيندي آهي اُتي پاڻ غيبت ڪرڻ ۽ عيب ظاهر ڪرڻ وارو به ماڻهن جي نظرن ۾ پنهنجي اَہَمِّيت وڃائي ويهندو آهي۔ ياد رکو! ماڻهن جي عيبن جي ڳولها ۾ مشغول رہڻ وارو شخص در حقيقت اللہ عَزَّوَجَلَّ سان دُشمني ڪري وٺندو آهي جيئن ته حضرت سَيدُنا بڪر بن عَبۡد مُزني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا: جڏهن

تون ڪنهن شخص کي ڏِسين ته اهو ماڻهن جي عيبن جو وڪيل بڻيل آهي ته ڄاڻي وٺ ته اهو اللہ عَزَّوَجَلَّ جو دُشمن آهي ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي خُفۡيه تدبير جو شڪار آهي۔ ( تنبیہ المغترین،الباب الثالث …الخ،ومن اخلاقہم:الاشتغال بعیوب الناس …الخ، ص۱۹۷)

شيخِ طريقت،اميرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه اِصلاحِ اُمّت جي مقدس جذبي جي تحت، بي جا ستائڻ وارن، دِل ڏُکائڻ وارن، چغلي ۽ تہمت جي مرض ۾ مبتلا مريضن، گاريون بڪڻ وارن، مسلمانن جي عيب لڪائڻ جي بجائي خوامخواھ ٻين سان تذڪرو ڪرڻ وارن، ڏاڙھي ڪوڙائڻ وارن، غيبتن جو بازار گرم ڪرڻ وارن کي تاڪيد ڪندي، احسن انداز ۾ سمجھائيندي اِرشاد فرمائن ٿا:

جو ستاتے رہیں دل دُکھاتے رہیں

 

اُن کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

چُغلیوں تہمتوں ، میں جو مشغول ہوں

 

اُن کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

گالیاں جو بکیں عیب بھی نہ ڈھکیں

 

اُن کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

داڑھیاں جو مُنڈائیں کریں غیبتیں

 

اُن کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد