Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

مون توبهه ڪئي، ۽ هڪ ٻئي شخص جي وضو جي پاڻي کي ڏٺائون ته ان کي فرمايائون: شراب پيئڻ ۽ گانا باجا ٻُڌڻ کان توبهه ڪرـ ان عرض ڪيو:

مون توبهه ڪئي، حضرت سَيّدُنا اِمامِ اَعظَم اَبُو حَنِيفَہ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه     تي غيبي ڳالهين جي اظهار جي سبب جيئن ته ماڻهن جا عَيبَ ظاهر ٿي ويندا هئا،  لهٰذا پاڻ   رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه     بارگاھِ خداوندي عَزَّوَجَلَّ ۾ غيبي ڳالهاين جي اظهار جي ختم ٿيڻ جي دعا گُهري، الله عَزَّوَجَلَّ سندن جي دعا قبول فرمائي، جنهن سان سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه     کي وُضو ڪرڻ وارن جا گناھ ڇڻندي نظر اچڻ بند ٿي ويا.([1])

 

   جو بے مِثال آپ کا ہے تقویٰ تو بے مِثال آپ کا ہے فتویٰ

ہیں علم و تقویٰ کے آپ سنگم امامِ اعظم ابُو حنیفہ

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪا حڪايت اسان هينئر ٻُڌي، ان مان هي به معلوم ٿيو ته اسان جا اِمام، ڪروڙين حَنَفين جا عظيم پيشوا، امامِ اعظم ابوحنيفہ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه     جن جي وڏي شان ۽ عظمت آهي، پاڻ باڪرامت بزرگ آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نگاھِ وِلايت ڪشف جي ذريعي ماڻهن جي وضو ۾ استعمال ٿيڻ واري پاڻي ۾ انهن جون نافرمانيون ڏسي وٺندا هئا، بيشڪ هي سندن جي عظيم ڪرامت هئي، سندن     کي ماڻهن جي عيبن تي مُطَّلَع ٿيڻ گوارا نه ہو ۽ دُعا جي ذريعي غيبي ڳالھين جو اِظہار ٿيڻ ختم ڪرائي ڇڏيو۔ هتي اُهي ماڻهو عبرت حاصِل ڪن جيڪي حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي مَحبَّت جي دعويٰ ڪندا آهن، پر زبردستي اُبتا سُبتا سُوال ڪري ماڻهن



[1]…  فتاویٰ رضویہ ۲/۶۵۔المِیزانُ الکبریٰ ،کتاب الطہارۃ،الجز ء۱،۱ /۱۳۰ ملتقطاًو ملخصاً