Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

جي عَيبن کي ظاهر ڪرڻ ۾ مشغول رہندا آهن، ياد رکو! بِلا مَصۡلَحتِ شَرعي ڄاڻي واڻي ڪنهن مسلمان جو عَيب معلوم ڪرڻ يا ظاهر ڪرڻ گناھ، حرام ۽ جہنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔

سيپاري 26 سُوۡرَۃُ الۡحُجُرَات، آيت نمبر (12) ۾ خداءِ ستّار عَزَّوَجَلَّ ٻين جي اندر بُرائين کي تلاش ڪرڻ کان منع ڪندي اِرشاد فرمايو:

وَّ لَا تَجَسَّسُوۡا       (پ۲۶،الحجرات:۱۲)

ترجَمو ڪنزالايمان: ۽ عيب نه ڳوليو۔

صَدۡرُ الۡافاضِل حضرت علّامہ مَولانا سَيّد مُفتي محمد نعيمُ الدِين مُراد آبادي
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيت جي تحت لکن ٿا: يعني مسلمانن جي عيب جوئي نه ڪريو ۽ اُن جي لڪيل حال جي تلاش ۾ نه رہو، جنهن کي اللہ عَزَّوَجَلَّ پنهنجي سَتّاري سان لڪايو۔ (مزيد فرمائن ٿا) حديث شريف ۾ آهي: گمان کان بچو، گمان وڏي ڪوڙي ڳالھ آهي ۽ مسلمانن جي عيب جوئي نه ڪريو، ان سان گڏ لالچ و حسد، بُغض ۽ بيدَردي نه ڪريو، اي اللہ تعاليٰ جا ٻانهؤ! ڀاءَ ڀاءَ  بڻجي رہو، جيئن ته توهان کي حڪم ڏنو ويو، مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي، ان تي ظُلم نه ڪريو، ان کي ذليل نه ڪريو، ان جي بي قَدۡري نه ڪريو۔ (پوءِ پنهنجي مُبارڪ سينهء بي ڪينه جي طرف اشارو ڪندي فرمايو) تقويٰ هتي آهي، تقويٰ هتي آهي، تقويٰ هتي آهي۔ (خزائن العرفان،ص ۹۵۰ملخصاً )

 

          گالیاں جو بکیں عیب بھی نہ ڈَھکیں         اُن کو کس نے کہا؟عاشقانِ رسول

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقينن اُهي مسلمان خُوش نصيب آهن جيڪي پنهنجي ڪم