Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

سبب پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اہلِ بيتِ اطہار جو تمام گھڻو خَيال رکندا هئا ۽ اَہۡلِ بيتِ اَطہار جي باري ۾ فرمائيندا هئا ته ’’نبي ڪريم، رءُوفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اَقارِب (يعني رشتيدار) مونکي پنهنجي رشتيدارن کان وڌيڪ عَزِيز آهن۔‘‘ (بخاری، کتاب المغازی، باب حدیث بنی نضیر، الحدیث: ۴۰۳۶، ج۳، ص۲۹)

باغ جنّت کے ہیں بہرِ مدح خوانِ اہلبیت
تم کو مُژدہ نار کا اے دُشمنانِ اہلبیت

(ذوقِ نعت)

فارُوقِ اعظم جي اِمَام حُسَين سان والِهانه مَحَبَّت

حَضرَتِ سَيِّدُنَا اِمَام حُسَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا: آئون هڪ ڏينهن اَمِيرُالْمُومنين حَضرَتِ سَيِّدُنَا عمر فارُوقِ اعظم رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي گھر ويس، پر پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ، حَضرَتِ اَمِيرِ مُعاوِيه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ سان گڏ عَلِيحدگي ۾ گفتگو فرمائي رهيا هئا ۽ سندن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جا پُٽ حَضرَتِ عبدُ اللہ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ دروازي تي بيهي اِنتظار ڪري رهيا هئا۔ ڪجھ دير انتظار کان پوءِ اهي واپس موٽڻ لڳا ته ان سان گڏ آئون به واپس موٽي آيس۔ بعد ۾ اَمِيرُالۡمُومنين حَضرَتِ سَيِّدُنَا عمر فارُوقِ اعظم رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ سان منهنجي مُلاقات ٿي ته مون عرض ڪيو: ”يا اَمِيرُالمُومنين! آئون توهان وٽ آيو هئس، پر توهان حَضرَتِ اَمِيرِ مُعاويه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ سان گفتگو ۾ مَصۡروف هئا۔ توهان جو پُٽ عبدُ اللہ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ به ٻاہر بيهي انتظار ڪري رهيو هو (مون سوچيو ته جڏهن پُٽ کي اندر اچڻ جي اجازت ناهي ته مونکي ڪيئن اجازت ٿي سگھي ٿي) تنهنڪري آئون به انهن سان ئي گڏجي واپس هليو ويس۔“ ته فارُوقِ اَعۡظَم رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن فرمايو: اي منهنجا پُٽ حُسَيۡن! منهنجي اَولاد کان وڌيڪ، توهان