Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

ان ڳالھ جا حقدار آهيو ته توهان اَندر اچي وڃو ها ۽ اسان جي مٿي تي هي جيڪي وارَ آهن، اللہ عَزَّوَجَلَّ کان پوءِ ڪنهن ظاهر ڪيا آهن، توهان سادات ِڪرام ئي ته ظاهر ڪيا آهن۔“ (تاریخِ ابن عساکر،ج ۱۴،ص۱۷۵)

شَيرِخدا جي اِمَام حَسَن سان مَحَبَّت

حَضرَتِ سَيِّدُنَا اَصۡبَغۡ بن نُباته رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حَضرَتِ سَيِّدُنَا اِمَام حسن مُجتبيٰ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ بيمار ٿي پيا ته حَضرَتِ سَيِّدُنَا عَلِي الۡمُرتَضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم ان جي عِيادَت جي لاءِ تشريف وٺي ويا، اسان به انهن سان عِيادَت جي لاءِ حاضِر ٿياسين۔ حَضرَتِ سَيِّدُنَا عَلِي المُرتَضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم خَيرِيت پڇندي فرمايو: اي نواسهء رسول! هاڻي طَبِيعَت ڪيئن آهي؟ عَرض ڪيو: اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ بہتر آهيان، پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمايو: جيڪڏهن اللہ عَزَّوَجَلَّ چاہيو ته بہتر ئي رہندو، پوءِ حَضرَتِ سَيِّدُنَا اِمَام حسن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن عرض ڪيو: مون کي سہارو ڏئي ڪري ويهاريو، حَضرَتِ سَيِّدُنَا عَلِي رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن انهن کي پنهنجي سيني سان ٽيڪ لڳائي ڪري ويهاري ڇڏيو، پوءِ حَضرَتِ سَيِّدُنَا اِمَام حسن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن فرمايو: هڪ ڏينهن مون کي نانا جان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو هو: اي منهنجا پُٽ! جنّت ۾ هڪ وڻ آهي جنهن کي شَجَرَةُ البَلويٰ چيو ويندو آهي، آزمائش ۾ مبتلا ماڻهن کي قيامت جي ڏينهن ان وڻ جي ويجھو جَمع ڪيو ويندو، جڏهن ته ان وقت نه ميزان رکيو ويو هوندو نه ئي اعمال نامه کوليا ويا هوندا، انهن کي پورو پورو اجر عطا ڪيو ويندو۔ پوءِ سرڪارِ دوعالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اها آيتِ مبُارَڪه تِلاوَت فرمائي،