Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

ڪيو: ماڻهو توهان جي اِقۡتِداء ڪندا آهن ۽ توهان حَضرات هڪ ٻئي کان ناراض آهيو ۽ توهان پاڻ ۾ قَطع تَعلُّقي ڪري ويٺا آهيو۔ توهان هاڻي اِمَام حَسَن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ وٽ وڃو ۽ انهن کي راضي ڪريو ڇو جو توهان ان کان ننڍا آهيو، اِمَام حُسين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن فرمايو: جيڪڏهن مون نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي فرمائيندي نه ٻُڌو هجي ها ته جڏهن ٻن ماڻهن جي درميان قَطع تَعَلُّقي ٿي وڃي، ته انهن ۾ جيڪو ڳالھ ٻولھ ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪندو اهو جنَّت ۾ پهريان ويندو، آئون مُلاقات ڪرڻ ۾ ضَرُور اڳرائي ڪريان ها، پر آئون ان ڳالھ کي پسند نه ٿو ڪريان ته آئون انهن کان پهريان جنَّت ۾ هليو وڃان۔

حَضرَتِ ابُوهرَيرہ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا: ان کان بعد ۾ حَضرَتِ سَيِّدُنَا اِمَام حسن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيس ۽ انهن کي سڄو واقعو ٻُڌايو: اِمَام حسن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن فرمايو ته اِمَام حسين جيڪا ڳالھ چئي آهي اها درست آهي۔ پوءِ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اِمَام حُسين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ وٽ تَشريف وٺي ويا، انهن سان مُلاقات ڪئي ۽ اهڙي طرح ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ صُلح ٿي ويو۔ . (ذخائر العقبی،ص۲۳۸)

رِشتي ٽوڙڻ واري جي موجودگي ۾ رَحمت ناهي لهندي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ڪنهن مسلمان جي لاءِ جائز ناهي ته هو پنهنجي مسلمان ڀاءُ کان ٽي ڏينهن رات کان وڌيڪ قَطع تَعلُّق ڪري (يعني رشتو ٽوڙي)۔ پر افسوس! اڄڪلھ ٿوري ٿوري ڳالھ تي ماڻهو ناراض ٿي ويندا آهن ۽ هڪ ٻئي جي شڪل ڏسڻ به پسند نه ڪندا آهن، معمولي رنجش تي خاندان جُدا ٿي ويندا آهن، اڪثر ڪري خوني رِشتا به قتل ۽