Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

رحمي ڪري ڇڏيندا آهن، ان ماڻهن جي لاءِ بيان ڪيل حديثِ پاڪ ۾ عبرت ئي عبرت آهي۔ منهنجي مَدَني اِلتجا آهي ته جيڪڏهن اسان مان ڪنهن جي ڪنهن رشتيدار سان ناراضگي آهي ته ڀلي جيڪڏهن رشتيدار ئي جو قُصُور ہجي، صُلح جي لاءِ پاڻ اڳرائي ڪريو ۽ پاڻ اڳتي وڌي ڪري خوش مزاجي سان ان سان ملي تَعَلّقات بهتر ڪري وٺو۔ جيڪڏهن معافي گھُرڻ ۾ اڳرائي به ڪرڻي پوي ته رِضاءِ الٰہي جي لاءِ معافي گھُرڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ گھرجي، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ سَر بُلندي نصيب ٿيندي۔ فرمانِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: مَنْ تَوَاضَعَ لِلّٰہِ رَفَعَہُ اللّٰہ يعني ”جيڪو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ عاجزي ڪندو آهي، اللہ عَزَّوَجَلَّ ان کي بُلندي عطا فرمائيندو آهي۔'' (شُعَبُ الْاِیمان ج ٦ ص ٢٧٦ حدیث ٨١٤٠) ۽ هميشه پنهنجي رشتيدارن سان تَعلق بهتر رکو، انهن سان حُسنِ سُلوڪ جو مُظاہَرو ڪندا رہو، ڇو جو ان ۾ فائدو ئي فائدو آهي.

حَضرَتِ سَيِّدُنَا فقيه ابُواللَّيث سَمَرقَندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه فرمائن ٿا: صِلَهء رِحمي ڪرڻ جا 10 فائدا آهن: *اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رِضا حاصِل ٿيندي آهي* ماڻهن جي خُوشي جو سبب آهي* فِرِشتن کي مسَرّت (خوشي) ٿيندي آهي * مُسلمانن جي طرف کان ان شخص جي تعريف ٿيندي آهي *شيطان کي ان کان رَنۡج پهچندو آهي *عُمر وڌندي آهي * رِزق ۾ برڪت ٿيندي آهي *فوت ٿي ويل آباء و اَجداد (يعني مسلمان اَبا ڏاڏا) خُوش ٿيندا آهن * پاڻ ۾ مَحَبَّت وڌندي آهي* وفات کان بعد ان جي ثواب ۾ اِضافو ٿي ويندو آهي، ڇو جو ماڻهو ان جي حق ۾ دُعاءِ خَير ڪندا آهن۔ (تَنبیہُ الغافِلین ص٧٣)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي گھرن ۽ مُعاشَري (مُ۔عَا۔شَ۔ري) کي اَمن جو گِہۡوارو بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اِسلامي جي مُشڪبار مَدَني ماحول سان