Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا ابُوهرَيۡرَه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان مَروي آهي ته هڪ ڏينهن اسان سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ نمازِ عِشاء ادا ڪري رهيا هئاسين، سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن سَجدي ۾ ويا ته اِمَام حَسَن ۽ اِمَام حُسَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پُشت مُبارَڪ (پُٺي مبارڪ) تي سُوار ٿي ويا۔ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن سجدي مان مٿو مبارڪ کنيو ته انهن کي نَرمي سان پڪڙي ڪري زمين تي ويهاري ڇڏيو، پوءِ جڏهن سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻيهر سجدي ۾ ويا ته اِمَام حَسَن ۽ اِمَام حُسَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جن ٻيهر ايئن ئي ڪيو، ايستائين جو حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن نماز مڪمَّل فرمائي ورتي ۽ انهن ٻنهي کي پنهنجي رانن تي ويهاري ڇڏيو۔ (مسند احمد،مسند ابی ھریرة، ۳/۵۹۲،حدیث:۱۰۶۶۴ بدون الی امھما،البداية والنهاية ثم دخلت سنة احدوستین،۵/۷۱۶) انهيءَ طرح ننڍپڻ ۾ هڪ ڀيري خُطبي جي دوران ٻئي شہزادا مسجد ۾ تَشريف وٺي آيا، ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خُطبو ڇڏي ڪري انهن جي ويجھو ويا ۽ انهن کي کڻي ڪري پنهنجي سامهون ويهاريو۔ (ترمذی،ج۵،ص۴۲۹،ح۳۷۹۹)

آقا جي اِمَام حَسن تي خصوصي شفقت

حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا عُرۡوَه بن زُبَير رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ پنهنجي والِد کان رِوايت ڪن ٿا: هڪ ڀيري سرڪارِ دوعالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِمَام حَسَن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي چُميو، سِنگھيو ۽ ڇاتيءِ سان لڳائي ورتو، ان وقت حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجھو هڪ انصاري صَحابي بيٺل هئا، انهن سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِمَام حَسَن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ تي ايتري قدر شَفۡقَت ڏسي ڪري عرض ڪيو: يارَسُوۡلَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجو به هڪ پُٽ آهي،