Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

آهن، ته آئون ان جي لاءِ رِزق ڪشادو ڪندو آهيان ۽ مُصيبت کي اُن کان پَري رکندو آہيان ته ايئن ان جي نيڪين جو بدلو دُنيا ۾ ئي ڏئي ڇڏيندو آہيان، ايستائين جو جڏهن اهو مون سان مُلاقات ڪندو ته آءُ ان جي گُناہن جي ان کي سَزا ڏيندس۔([1])

بہر حال اسان کي مُسلمان هئڻ جي حيثيت سان اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ہر ڪم کي حڪمت تي مُشۡتَمِل سمجھڻ گھرجي ۽ مُصِيبت تي صَبۡر جو مُظاہَرو ڪندي اَجۡر ۽ ثواب جو خُوب خُوب ذَخيرو ڪرڻ گھرجي۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي بي صَبري ۽ ناشُڪرِي کان بچائي ۽ صَبر ۽ شُڪر جو عادي بڻائي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حَسَنَينِ ڪرِيمَين جي پاڻ ۾ مَحَبَّت

حَضرَتِ سَيِّدُنَا ابُوهرَيرہ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان مَروي آهي ته رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو آهي ته ڪنهن مسلمان جي لاءِ هي ڳالھ جائز ناهي ته اهو پنهنجي ڀاءُ سان ٽي (3) ڏينهن رات کان وڌيڪ قَطع تَعَلُّق ڪري۔ انهن ۾ جيڪو ڳالھ ٻولھ ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪندو، اهو جنت جي طرف وڃڻ ۾ به سبقت ڪندو۔ حَضرَتِ ابُو ہُرَيرہ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا ته مون تائين اها ڳالھ پہتي آهي ته حَضراتِ حَسَنَينِ ڪرِيمَين جي دَرمِيان ڪا معمولي اڻبڻت ٿي وئي آهي۔ آئون اِمَام حُسَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي خِدمَت ۾ حاضِر ٿيس ۽ عَرۡض

 



[1]… احیاء العلوم،کتاب الصبر والشکر،الرکن الثالث…الخ، ۴/۱۶۲