Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

حَسنَين ڪَريمَين ۽ خوفناڪ نانگ!

حَضۡرَتِ سَيّدُنا سَلمَان فارَسي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: اسان حُضُور نبي اڪرَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضِر هئاسين، حَضۡرَتِ سَيِّدَتُنا اُمِ اَيۡمَن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ آيون ۽ عَرض ڪرڻ لڳيون: حَسَن ۽ حُسَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا گُم ٿي ويا آهن، اهو ڏينهن جو وقت هو، حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن صَحابهء ڪرام (رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اَجۡمعِیۡن) کي فرمايو: هلو منهنجي پُٽن کي تَلاش ڪريو، ہر ڪنهن پنهنجو رستو ورتو ۽ آئون حُضُور نبيِ اَڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هلي پيس، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مُسَلسَل هلندا رهيا، ايستائين جو اسان هڪ جبل وٽ پُہچي وياسين، (ڏٺوسين ته) حَسن ۽ حُسَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا هڪ ٻئي سان چمٽيل آهن ۽ هڪ خوفناڪ (وڏو نانگ) اُنهن جي سامهون پنهنجي پُڇ تي بيٺل آهي ۽ ان جي وات مان باھ جا شُعلا نِڪري رهيا آهن۔ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تيزي سان اڳتي وڌيا ته اهو اَجۡگر حُضُور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏسي ڪري سوڙهو ٿيڻ لڳو ۽ پَٿرن ۾ لڪي ويو، سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حَسنَين ڪَريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جي ويجھو تَشريف وٺي آيا ۽ ٻنهي کي الڳ الڳ ڪيو ۽ انهن جي چہرن کي صاف ڪيو ۽ فرمايو: منهنجا ماءُ پيءُ توهان تي قُربان، توهان اللہ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ ڪيتري عِزت وارا آہيو۔

(معجم الکبیر، باب الحاء ، حسن بن عَلِي بن أبي طالب الخ،۳/٦٥،حديث:٢٦٧٧)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اللہ عَزَّوَجَلَّ جي حَبِيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، حَسنَين ڪَريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سان ايتريقَدَر مَحَبَّت فرمائيندا هئا جو ٻنهي