Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

”خدا جي ان اَمانتن سان شَفقَت ۽ مَحَبَّت جو سُلوڪ رکي، انهن سان پِيار ڪري، بَدن سان چنبڙائي، ڪلهن تي ويهاري، انهن سان کِلڻ، کيڏڻ ۽ وندر جون ڳالھيون ڪري، انهن جي دِلجُوئي، دِلداري، لحاظ ۽ حفَاظَت ہر وَقت ايستائين جو نماز ۽ خُطبي ۾ به مَلحُوظ (ڌيان) رکي۔ نَئون ميوو، نَئون ثمر پهريان انهن (ئي) کي ڏئي جو اهي به تازا ميوا آهن، نئين کي نئون مُناسب آهي ۔ ڪڏهن ڪڏهن وَس آهر انهن کي شيرني (مٺائي) وغيرہ کارائڻ، پارائڻ، کيڏڻ جون سُٺيون شيون (جيڪي) شَرعًا جائز آهن، ڏيندو رهي۔ وندرائڻ جي لاءِ ڪوڙو واعدو نه ڪري، بلڪه ٻار سان به واعدو اهو ئي جائز آهي جنهن کي پُوري ڪرڻ جو قَصد (اِرادو) رکندو ہجي۔ ڪجھ ٻار ہجن ته جيڪا شيءِ ڏي سڀني کي برابر ۽ هڪجھڙي ڏي، هڪڙي کي ٻئي تي بي فضيلتِ ديني (يعني دِيني فضيلت جي بغير) ترجيح نه ڏي۔‘‘

(فتاویٰ ر ضویہ، ٢٤/۴۵۳)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حَسنَين ڪَريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا سان مَحَبَّت جو هڪ ٻيو پہلو سَماعَت فرمايون، جيئن ته

سرڪار حَسنَين ڪَريمَين کي دَم فرمائيندا هئا

حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا اِبنِ عَبَّاسَ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان رِوايت آهي ته ٻنهي جہانن جا تاجۡوَر، سلطانِ بَحروبَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا اِمَام حَسَن ۽ اِمَام حُسَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کي ڪلِماتِ تَعوُّذ سان گڏ دَم فرمائي رهيا هئا۔ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: توهان جا جَدّ اَمۡجد يعني حَضۡرَتِ