Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَعلُوم ٿيو ته اَہلِبيت جي مَحَبَّت واجب ۽ ضَروري آهي، ہر مُسلمان جي ويجهو اَہلِ بيتِ ڪرام، پنهنجي جان ۽ مال، عِزَّت ۽ آبرو، ماءُ پيءُ ۽ اَولاد کان به وڌيڪ محبوب ہئڻ گھرجن۔ انهن مبارڪ ہستين جي مَحَبَّت، سَيدِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت آهي ۽ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت، ڪامل اِيمان جي نِشاني آهي۔ جيئن ته

نبي رَحمت، شَفيعِ اُمَّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: ” لَا یُؤْمِنُ عَبْدٌحَتّٰی اَکُوْنَ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ نَفْسِہٖيعني ڪو ٻانهو ڪامل مؤمن نٿو ٿي سگھي، جيستائين جو اهو مونکي پنهنجي جان کان وڌيڪ نه چاهي ”وَذَاتِیْ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ ذَاتِہِ“ ۽ منهنجي ذات، ان کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ محبوب نه ہجي ” وَتَکُوْنَ عِتْرتِیْ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ عِتْرَتِہِ“ ۽ منهنجي اَولاد ان کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ پياري نه ہجي”وَاَهْلِیْ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ اَهلِہِ“ ۽ منهنجا اَہلِ بيت ان کي پنهنجي گھروارن کان وڌيڪ پيارا ۽ محبوب نه ہجن۔

(شعب الایمان، باب فی حب النبی، ۲/۱۸۹،حدیث: ۱۵۰۵بتصرف ما)

اَهلِ بيتِ اَطهار جا فضائل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَہلِ بيتِ اَطہار عَلِيهِمُ الرِّضْوَان جي شان ۾ اللہ عَزَّوَجَلَّ سيپاري 22، سُوْرَۃُ الْاَحْزَاب جي آيت نمبر 33 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّمَا یُرِیۡدُ اللہُ لِیُذۡہِبَ عَنۡکُمُ الرِّجۡسَ اَہۡلَ الۡبَیۡتِ وَ یُطَہِّرَکُمۡ تَطۡہِیۡرًا ﴿ۚ۳۳﴾

 

تَرجَموڪنزالايمان: الله ته اهو چاهي ٿو ته نبيءَ جا گھروارؤ جو توهان کان هر ناپاڪي دور فرمائي ڇڏي ۽ توهان کي پاڪ ڪري خوب سُٺو ڪري ڇڏي.