Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

شهزادن کي ڪنهن تڪليف ۾ مبُتلا ڏسڻ به حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پسند نه هو، انهيءَ لاءِ جڏهن حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ٻڌايو ويو ته حَسَن ۽ حُسَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا گُم ٿي ويا آهن ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن بيقَرار ٿي ڪري صَحابهء رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم سان گڏجي انهن جي تَلاش شُرُوع ڪري ڏني۔ ان کان عِلاوه به ڪيترين ئي اَحاديثِ مُبارَڪه مان حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻنهي شهزادن سان بي اِنتِہا مَحَبَّت جو ثُبُوت مِلي ٿو۔ جيئن ته حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته رَسُوۡلُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عَرض ڪيو ويو ته اہلِبيت مان توهان کي سڀ کان وڌيڪ پيارو ڪير آهي؟ فرمايائون: حَسن ۽ حُسَيۡن۔ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، حَضۡرَتِ سَيدَتُنا فاطِمَة الزَّہرا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا کي فرمائيندا هئا ته منهنجي ٻارن کي گھُرايو، پوءِ اُنہن کي سِنگھندا هئا ۽ پنهنجي ڳلي لڳائيندا هئا۔

(ترمذی،كتاب المناقب عن رسول الله،باب مناقب الحسن والحسین، ج۵،ص ۴۲۸حدیث:۳۷۹۷)

مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حَضۡرَتِ مفتي احمد يار خان عَلِيهِ رَحْمَةُ الحنّان ان حديثِ پاڪ جي شَرح ۾ فرمائن ٿا: مَحَبّت جا ڪيترا ئي قِسم آهن: اولاد سان مَحَبت ٻئي قِسم جي آهي،گھروارين سان ٻئي قِسم جي، دوستن سان ٻئي قِسم جي۔ اولاد مان حَضراتِ حَسنَين تمام گهڻا پِيارا هئا ، ازواج (گهر وارين) ۾ حَضۡرَتِ (سَيدَتُنا) عَائِشه صِدّيقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها محبوب هيون ، دوست ۽ احبابن ۾ حَضۡرَتِ ابوبڪر صِديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تمام پياراهئا، وڌيڪ فرمائن ٿا: حُضُورانهن کي ڇو نه سِنگھن ها، اهي ٻئي ته حُضُور جا گُل هئا گُل سِنگهيا ئي ويندا آهن، انهن کي نهايت عزيز ۽ پيارو رکڻ، ڳلي سان لڳائڻ، انتِہائي مَحَبت ۽ پِيار جي لاءِ هو۔ ان مان مَعلُوم ٿيو ته ننڍن ٻارن کي سِنگھڻ، اُنهن