Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

اچن ها، ته جيئن اسان کي به اهو ثواب اڄ ملي ها جيڪو ٻين بيمارين ۽ آفت ۾ مبتلا رهڻ وارن کي ملي رهيو آهي۔“ (مراٰۃ ،ج۲ص،۴۲۴)

نافرمانن جي خُوشحالي ۾ حڪمت

اڪثر ڪري مُسلمان پنهنجون پريشانيون ۽ ڪافِرن جي عيش ۽ عشرت سان ڀرپُور زِندگي کي ڏسي ڪري به وَسوَسن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي ذِہن ۾ طَرح طَرح جا سُوالَ پيدا ٿيندا آهن، جڏهن ته ان ۾ به اللہ رَبُّ الۡعٰلَمِين جَلَّ جَلالُهٗ جي تمام وڏي حِڪمَت پوشِيدہ آهي۔ جيئن ته،

حَضرَتِ سَيِّدُنَا اِبۡنِ عَبَّاسَ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جن فرمايو ته هڪ نبي عَلِيـهِ الـسَّـلَام پنهنجي پَروَردگار عَزَّوَجَلَّ جي درٻار ۾ عرض ڪيو: اي منهنجا رَبّ عَزَّوَجَلَّ! مؤمن ٻانهو تنهنجي اِطاعت ڪندو آهي ۽ تنهنجي مَعصِيّت (نافرماني) کان بچندو آهي (پر) تُون (ربّ عَزَّوَجَلَّ) ان جي لاءِ دُنيا تنگ فرمائي ان کي آزمائشن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهين ۽ ڪافر تنهنجي اِطاعت ناهي ڪندو بلڪه توتي ۽ تنهنجي مَعۡصِيّت (نافرماني) تي جُراءت ڪندو آهي، پر تُون (ربّ عَزَّوَجَلَّ) ان کي مُصيبت کان پَري رکندو آهين ۽ ان جي لاءِ دُنيا ڪشاده ڪري ڇڏيندو آهين، (آخر ان ۾ ڇا حڪمت آهي؟) اللہ عَزَّوَجَلَّ ان (نبي جي) طرف وَحي فرمائي: ٻانها به منهنجا آهن ۽ مُصيبَت به منهنجي اختيار ۾ آهي ۽ سڀ منهنجي حمد سان گڏ منهنجي تسبيح ڪندا آهن، مُؤمِن جي ذِمي گُناھ ٿيندا آهن ته آئون ان کان دُنيا کي پَري ڪري ان کي آزمائش ۾ مبتلا ڪندو آهيان ته هي (آزمائش ۽ مُصيبت) ان جي گُناہن جو ڪَفّارو بڻجي ويندي آهي، ايستائين جو اهو مون سان مُلاقات ڪندو ته آئون ان کي نيڪيون بدلي ۾ ڏيندس ۽ ڪافر جون (دنياوي اعتبار سان) ڪجھ نيڪيون ہونديون