Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

اِنَّمَا یُوَفَّی الصّٰبِرُوۡنَ اَجۡرَہُمۡ بِغَیۡرِ حِسَابٍ ﴿۱۰﴾ (تَرجَموڪنزالايمان: صبر وارن کي سندن ثواب ڀرپور ڏنو ويندوبغير حساب جي۔) (پ۲۳،الزمر،آيت ۱۰) (کتاب الدعاء للطبراني،ص۳۴۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان واقِعي مان جتي حَضرَتِ سَيِّدُنَا عَلِي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي پنهنجي شہزادي اِمَام حَسَن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ سان مَحَبَّت جوعِلم ٿيو، اُتي اِمَام حَسَن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي بيان ڪيل فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مان هي به معلُوم ٿيو ته پريشانين، مُصيبتن ۽آزمائشن تي صَبۡر ڪرڻ وارن کي قِيامَت جي ڏينهن ان جي صَبۡر جو پُورو پُورو اَجۡر ڏنو ويندو۔ يادرکو! اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ہر ڪم ۾ ہزارين حِڪمَتون پَوشِيدہ ہونديون آهن، جنهن جو اسان کي عِلم ناهي ہوندو۔ تنهنڪري ہر هڪ جي سَامهون پنهنجي پريشاني، غريبي ۽ مُفلِسي جو روئڻ، پنهنجا ڏُک تڪليفون ٻُڌائڻ ۽ تَنگدَستي جي سَبَب مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ رَبّ تعاليٰ جي ذات تي فضول اِعتِراضَ ڪري پنهنجي زَبان مان ڪفرِيات بَڪڻ جي بَجاءِ، اِنهن آزمائشن ۽ تَڪليفن کي منهن ڏيندي صَبر ۽ تَحَمُّل کان ڪم وٺڻ گھرجي، ڇو جو هي مُصِيبتون ۽ بَلائون گُناہن جو ڪَفّارو ۽ دَرَجات ۾ بَلندي جو سبب ٿينديون آهن ۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحۡبُوب، داناءِ غُيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جڏهن قِيامت جي ڏينهن اَہلِ بَلا (يعني بيمارين ۽ آفت ۾ مبتلا رهڻ وارن) کي ثَواب عَطا ڪيو ويندو، ته عافِيت وارا تمنّا ڪندا ته ڪاش! دُنيا ۾اسان جون کَلون قَينچين سان ڪٽيون وڃن ها۔ (سُنَنُ التِّرْمِذِی ج٤ ص١٨٠حدیث ٢٤١٠ دارا لفکر بیروت) مُفَسِّرِ شَہِير،حڪيم الاُمَّت مُفتي احمد يارخان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه هن حديثِ پاڪ جي الفاظن ”ڪاش! دُنيا ۾ اسان جون کَلون قَينچين سان ڪٽيون وڃن ها“ جي تحت فرمائن ٿا: ”يعني تمنّا ۽ آرزُو ڪندا ته اسان تي دُنيا ۾ اهڙيون بيماريون