Share this link via
Personality Websites!
جي لاءِ به مَدَني اِنعامات مُرتَّب فرمايا آهن۔ مَدَني اِنۡعامات جو رسالو مَڪتبة الۡمَدِينه جي ڪنهن به شاخ تان ہديةً حاصل ڪري سگھجي ٿو، ان جو بَغَور مُطالَعَو ڪرڻ کان پوءِ توهان ان نتيجي تي پہچندا ته هي دَرۡاَصۡل خُود اِحۡتِسابي جو هڪ جامع نِظام آهي جنهن کي اپنائڻ کان پوءِ نيڪ بنجڻ جي راھ ۾ اچڻ واريون رُڪاوٽون اللہ عَزَّوَجَلَّ جي فَضۡل ۽ ڪرم سان آہستي آہستي پَري ٿي وينديون آهن ۽ ان جي بَرَڪت سان پابندِ سُنّت بنجڻ، گُناہن کان نَفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حِفاظت جي لاءِ ڪُڙهڻ جو ذِہۡن بنجندو۔ اچو ته مدني انعامات جي رسالي جي هڪ مدني بہار مُلاحظه ڪريون۔ جيئن ته،
نيو ڪراچي جي هڪ اِسلامي ڀاءُ جو ڪجھ هن طرح بيان آهي: علائقي جي مسجد جا اِمَام صاحب جيڪي دعوتِ اِسلامي سان وابسته آهن، انهن انفرادي ڪوشش ڪندي منهنجي وڏي ڀاءُ کي مَدَني انعامات جو هڪ رسالو تحفي ۾ ڏنو، اهو گھر کڻي آيا ۽ پڙهيو ته حيران ٿي ويا ته ان مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اِسلامي زندگي گذارڻ جا ايترا زبردست فارمولا ڏنا ويا آهن۔ مَدَني انعامات جو رسالو ملڻ جي برڪت سان اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ ان کي نماز جو جذبو مليو ۽ نمازِ باجماعت جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿي ويا ۽ هاڻي پنج وقت جا نمازي بڻجي چڪا آهن، ڏاڙھي مبارڪ به سجائي ورتي آهي ۽ مدني انعامات جو رسالو به ڀريندا آهن۔
|
مدنی اِنعامات کے عامِل پہ ہر دم ہر گھڑی |
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami