Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

وابَسته ٿي وڃو ۽ ہر مهيني گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڏينهن جي لاءِ مَدَني قافِلي ۾ سُنّتن ڀريو سفر ڪريو، گڏوگڏ مَدَني اِنعامات جي مُطابِق زِندگي گُذاريو۔ گڏوگڏ صِلهء رحمي جون فَضيلتون ۽ برڪتون ڄاڻڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اميرِ اہلسنّت، بانيء دعوتِ اِسلامي حَضرَتِ علامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطّار قادري رَضَوي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي ڪتاب نيڪي جي دعوت صفحي نمبر 156 کان 161“ ۽ رسالن ’’هٿو هٿ پُڦي سان صلح ڪري ڇڏي ۽ اِحترامِ مسلم‘‘ جو مُطالَعو فرمايو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان انهن ڪتابن ۽ رسالن کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَــلُّـوا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جو خُلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان حَضراتِ حَسَنَينِ ڪرِيمَين جو شان ۽ عَظَمت ۽ انهن جي سِيرت جي مُتَعَلّق ٻُڌڻ جي سَعادَت حاصل ڪئي۔ اسان جا آقا مديني وارا مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن ٻنهي شهزادن سان بي پناھ مَحَبَّت فرمائيندا هئا، ڪڏهن پنهنجي مُبارَڪ ڪلھن تي ويهاريندا هئا ته ڪڏهن مبارڪ پُٺيءَ تي، ڪڏهن انهن جي لاءِ سجدو طويل (ڊگھو) فرمائيندا هئا ته ڪڏهن انهن کي سيني سان لڳائيندا هئا، پيشاني کي چُمندا هئا ۽ انهن کي گُلن جيان سِنگھندا هئا۔ يادرکو! ان ۾ اسان جي لاءِ به هي دَرس مَوجُود آهي ته اسان به حَسَنَينِ ڪرِيمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سان خُوب خُوب مَحَبَّت ڪريون ۽انهن جي نَقشِ قَدَم تي هلندي