Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ننڍي ڀاءَ سَيدُالشُّہَداء، راڪبِ دَوشِ مُصطفٰي، حَضۡرَتِ

سَيِّدُنَا اِمَام حُسَيۡن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وِلادت 5 شعبانُ الۡمُعَّظم سن 4 ہجري مدينهء مُنوَّرہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ۾ ٿي۔ سندن نالو، حُضُور پرنور، شافع ِ يومُ النُّشور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم’’حُسَيۡن‘‘ ۽ ’’شبير‘‘ رکيو جڏهن ته سندن ڪنيت ’’اَبُوعَبدُاللہ‘‘ ۽ لَقب به ’’سِبۡطُ رَسُوۡلِ اللہِ (يعني رَسُوۡلُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڏوهٽا)‘‘۽’’رَيحَانَةُ الرَّسُول‘‘( يعني رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو گُل) آهي ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ جيان پاڻ به جنَّتي جوانن جا سردار آهن۔

(اسدالغابة، باب الحاء والحسین،۱۱۷۳۔ الحسین بن علی،ص۲۵،۲۶ملتقطاًوسیر اعلام النبلاء،۲۷۰۔الحسین الشہید...الخ، ج۴،ص۴۰۲۔۴۰۴)

ڪهڙا نالا رکيا وڃن؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هينئر اسان ٻڌو ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجن پيارن ڏُوهٽن جا نالا پاڻ تجويز فرمايا۔ اچو ته! انهيءَ متعلق نالي رکڻ جا ڪجھ آداب به ٻُڌون۔ سُٺو نالو رکڻ اولاد جي حقن ۾ شامل آهي ۽ والِدين جي طرفان پنهنجي ٻار جي لاءِ سڀ کان پہريون ۽ بُنيادي تحفو به آهي، جنهن کي اهو پوري عُمر پنهنجي سيني سان لڳائي رکندو آهي، ايستائين جو ميدانِ حَشر برپا ٿيندو ته اهو انهيءَ نالي سان مالڪِ ڪائِنات عَزَّوَجَلَّ جي سامهون گھُرايو ويندو، جيئن ته حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا ابودَرداء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مَروي آهي ته حُضُورِ پاڪ، صاحبِ لَولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ”قِيامت جي ڏينهن توهان پنهنجي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي نالن سان سَڏِيا ويندؤ، تنهنڪري پنهنجا سُٺا نالا رکندا ڪريو۔

(سنن ابی داود ،کتاب الادب باب فی تغییر الاسماء ،الحدیث ۴۹۴۸،ج۴،ص۳۷۴)