Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

ڪريو جو ان ڪتاب ۾ ٻارن جا نالا رکڻ جي لاءِ سَوين سُٺن نالن جي فہرست موجود آهي، گڏوگڏ ان کان عِلاوه ٻارن جا نالا رکڻ جي باري ۾ ڪثير مَدَني گُل پنهنجي خُوشبُو مَہڪائي رهيا آهن۔

صَــلُّـوا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حَسنَين ڪَريمَين جا فضائل احاديث جي روشني ۾

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم، رئوف رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مُختلف مَوقعن تي انهن حضرات جو اهڙو شان ۽ عَظَمَت بيان فرمائي جنهن کي ٻُڌي ڪري اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ توهان جي دل ۾ حَسنَين ڪَريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جي مَحَبَّت وڌندي۔ اچو ته انهن جي شَان ۽ عظمت سان تَعلق رکندڙ ڪجھ فرامينِ مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻُڌون۔

*مَنْ اَحَبَّ الْحَسَنَ وَالْحُسَیْنَ فَقَدْ اَحَبَّنِیْ وَمَنْ اَبْغَضَھُمَا فَقَدْ اَبْغَضَنِیْ،يعني جنهن حسن ۽ حسين انهن ٻنهي سان مَحَّبت ڪئي ان مون سان مَحَّبت ڪئي ۽ جنهن انهن سان عَداوت (دشمني) ڪئي ان مون سان عَداوت (دشمني) ڪئي۔

(ابن ماجہ،کتاب السنۃ،باب فی فضائل اصحاب رسول اللّٰہ،۱/۹۶، حدیث:۱۴۳)

*هُمَا رَيْحَانَتَايَ مِنَ الدُّنْيَا يعني حَسَن ۽ حُسَيۡن (رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا) دُنيا ۾ منهنجا ٻه (2) گُل آهن۔ (صحیح البخاری،کتاب فضائل اصحاب النبی،باب مناقب الحسن والحسین، الحدیث:۳۷۵۳،ج۲،ص۵۴۷)

عاشقِ صحابه ۽ اہلبيت سيدي اعلٰي حَضۡرَتِ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪن ٿا: