Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

اَحوالِ شَريفه جي لائق نه ہجي ان کان انهن جو پَرۡوَرۡدۡگار عَزَّوَجَلَّ انهن کي محفوظ رکندو ۽ بچائيندو آهي۔ (سوانح کربلا،ص۸۲)

اسان کي به اَہلِ بيتِ پاڪ سان مَحَبَّت قائم رکندي، انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي ڪوشِش ڪرڻ گھرجي، اللہ عَزَّوَجَلَّ انهن جي صَدقي اسان کي به گناہن کان بچڻ جي توفيق عطافرمائي ۽ خُوب خُوب نيڪيون ڪري جنّت ۾ ان نيڪ ہستين جو قُرب عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

پارَ ہائے صُحُف غُنْچہ ہائے قُدُس

 

اَہْلِ بیتِ نَبوّت پہ لاکھوں سلام

آبِ تَطہیر سے جس میں پودے جمے

 

اس رِیاضِ نَجابت پہ لاکھوں سلام

خونِ خَیْرُ الرُّسُل سے ہے جن کا خمیر

 

اُن کی بے لَوث طِینت پہ لاکھوں سلام

صَــلُّـوا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حَسنَين ڪَريمَين جي لاءِ رو شني جو انتظام ٿي ويو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم، رءُوفٌ رَحِيۡم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اَہلِ بيت مان سڀ کان عَزِيز ۽ محبوب حَسنَين ڪَريمَين هئا، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن ٻنهي شهزادن کي پنهنجي ڪُلهن تي سُوار ڪري وٺندا هُئا، ايستائين جو نماز ۾ سجدي جي حالَت ۾ ٻئي پُشتِ اَطہر (يعني پُٺي مبارڪ) تي سُوار ٿيندا هئا ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سَجدو طَويل (ڊگھو) ڪري ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن سجدي مان مٿو مبارڪ کڻندا هئا ته اِنهن کي آرام سان زمين تي ويھاري ڇڏيندا هئا۔