Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

ابرَاہِيم عليه الصلات والسلام به پنهنجي صاحِبزادن حَضۡرَتِ اسماعيل ۽ حَضۡرَتِ اسحاق عَلِيهِمُ السَّلَام کي اِنهي ڪلِمات سان گڏ دَم فرمائيندا هئا: اَعُوْذُ بِکَلِمَاتِ اللّٰہِ التَّامَّۃِ مِنْ کُلِّ شَیْطٰنٍ وَّھَامَّۃٍ وَّمِنْ کُلِّ عَیْنٍ لَّامَّۃٍ يعني آئون اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ڪامل ڪلِمن جي ذريعي ہر شيطان ۽ زہريلي جانور ۽ ہر نَظرِ بَد کان پناھ گُھران ٿو. (بخاری،کتاب احادیث الانیباء،۲/۴۲۹، حدیث:۳۳۷۱)

مُفَسِّرِ شَہِير،حڪيم الاُمَّت مُفتي احمد يارخان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه ان حديثِ پاڪ جي شَرح ۾ فرمائن ٿا: ”ڪلِمَاتُ اللہ (اللہ جا ڪَلِمه) مان مُراد سڀئي اسماءِ اِلٰہي (اللہ جا نالا) آهن، اهي ہرنَقص (ڪمي) ۽ خرابي کان پاڪ آهن، ان لاءِ انهن کي ”تَامّات“ چيو ويندو آهي، جهڙي طرح اللہ (عَزَّوَجَلَّ) جي پناھ گھُرڻ ضروري آهي، اهڙي طرح ئي ان جي نالن جي پناھ به ضروري آهي۔“ مزيد فرمائن ٿا: جنّ ۽ نَظرِ بَد سان به انسان بيمار ٿي ويندو آهي، جنّ جو اثَر قرآنِ ڪريم مان ثابت آهي۔

(مراٰة المناجیح،ج۲،ص ۴۰۹ ملتقطاً)

قرآن پاڪ ۾ بيمارين کان شفا آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان ڪيل حديثِ پاڪ مان دَم وغيرہ جي جواز جو ثبوت ملي ٿو ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي پياري نَواسن (ڏوهٽن) کي دَم فرمائيندا هئا۔ قرآنِ مجيد جي آياتِ مُبارَڪه جي ذريعي بيمارن تي پڙهي ڪري دم ڪرڻ جي حوالي سان ڪيئي روايتون مَوجُود آهن: جيئن ته، اُمُّ الۡمُؤمنين حَضۡرَتِ سَيدَتُنا عائِشه صِدّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا بيان فرمائن ٿيون: جڏهن رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اَہل (يعني گھروارن) مان ڪو بيمار ٿيندو هو ته سرڪار صَلَّى