Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

رُباعي جي وضاحت: ايئن ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ پاڇو سج جي تيز روشني ۽ چنڊ جي روشني ۾ زمين تي نه پَوندو هو، پر جڏهن سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فيضان جو پاڇو حَسنَين ڪَريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا تي پَيو ته سيني تائين اِمَام حسن مجتبٰي رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ، حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مشابه ٿي ويا ۽ اِمَام حُسَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ، سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان سيني کان پيرن تائين مشابه ٿي ويا۔ قصيدہء نور ۾ سَيِّدي اَعَلِيٰ حَضۡرَتِ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه لکن ٿا:

ایک سینہ تک مشابہ اِک وہاں سے پاؤں تک

صاف شکلِ پاک ہے دونوں کے ملنے سے عِیاں

 

حُسنِ سبطین ان کے جاموں میں ہے نِیما نورکا

خطِ توام میں لکھا ہے یہ دو وَرقہ نورکا

 

ياد رکو! سَيّدي اعَلِيٰ حَضۡرَتِ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه جي شاعري قرآن ۽ حديث جي ترجماني ۽ بزرگن جي اقوال ۽ احوال جي مطابق آهي، اعَلِيٰ حَضۡرَتِ، حَسنَين ڪَريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مشابہت کي ايئن ئي ناهي لکي ڇڏيو بلڪه

ترمذي شريف ۾ آهي: سَيِّد الۡاَولِيَاء، مَوليٰ مُشڪل ڪُشاء، شيرِ خُدا حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا عَلِي المرتضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم فرمائن ٿا: اِمَام حَسن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ سِيني ۽ مٿي جي درميان (وچ تائين) محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان تمام گھڻي مشابہت رکندا هئا ۽ اِمَام حُسَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ان کان هيٺ واري حصي ۾ رَسُوۡلُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان تمام گھڻي مشابهت رکندا هئا۔