Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

1.       يا بَخيل (ڪنجوس) شخص داخل نه ٿيندو۔

(کنزالعمال،کتاب الاخلاق،الفصل الاول،حرف الباء، البخل من الاکمال،الجزء:۳،۲/ ۱۸۲،حدیث:۷۴۰۴)

2.        لالچ کان بچندا رہو ڇو جو توهان کان پهريان جي قومن کي لالچ ئي ہلاڪت ۾ وڌو، لالچ ئي اُنهن کي ڪُوڙ تي اُڀاريو ته اهي ڪُوڙ ڳالهائڻ لڳا، ظلم تي اُڀاريو ته اُهي ظلم ڪرڻ لڳا ۽ قَطعِ رَحمي (رشتا ٽوڙڻ) جو خيال ڏياريو ته قَطعِ رَحمي (رشتا ٽوڙڻ) لڳا۔

(کنزالعمال،کتاب الاخلاق، الفصل الاول ،حرف الباء، البخل من الاکمال،الجزء:۳،۲/ ۱۸۲،حدیث:۷۴۰۲)

3.       ٻه بُکايل بگهڙ جن کي ٻڪرين ۾ ڇڏيو وڃي اهي ايترو نقصان ناهن پهچائيندا جيترو مال ۽ دولت جو حرص ۽ حبِّ جَاهه (يعني عزت ۽ شهرت جي محبت) انسان جي دين کي نقصان پهچائيندي آهي۔“

(ترمذی،کتاب الزھد،باب ۔ت:۴۳ ، ۴/ ۱۶۶، حدیث:۲۳۸۳)

مُفَسّرِ شَہِير، حڪيمُ الاُمَّت مُفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان حديثِ پاڪ جي تَحت فرمائن ٿا: نِہايت نفيس تَشبِيه )عمده مشابهت) آهي۔ مقصد هي آهي ته مؤمن جو دِين ڄڻ ته ٻڪري آهي ۽ اُن جي لاءِ مال جو حرصِ (۽) عزّت جو حرص ڄڻ ته ٻه بکايل بگھڙ آهن پر هي ٻئي بگھڙ مؤمن جي دِين کي اِن کان وڌيڪ بَرباد ڪندا آهن جيئن ظاہري طور بُکايل بگھڙ ٻڪرين کي تباھ (برباد) ڪندا آهن، جو انسان مال جي حرص ۾ حرام ۽ حلال جي تميز نه ڪندو آهي، پنهنجي قيمتي وقت کي مال حاصِل ڪرڻ ۾ ئي خَرچ ڪندو آهي، ۽ وري عزّت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ اهڙا ڪم به ڪندو آهي جيڪي بلڪل خلافِ اسلام هجن، جيئن اڄ مِيمبريا وَزارت چاہڻ وارن کي ڏٺو ويندو آهي. رآۃ المناجیح،۷/۱۹)