Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! احاديثِ مبارڪه ۽ ان جي شَرْح جي روشني ۾ هي ڳالھ واضح ٿي وئي ته حِرص جي سبب انسان جي دِين ۽ اِيمان کي طرح طرح جا خطرا لاحِق هوندا آهن ۽ هي اِيتري قدَر تباھ ڪندڙ باطني بيماري آهي جو اِن ۾ مبُتلا ٿي ڪري انسان ڪُوڙ، ظُلم ۽ قَطعِ رَحمي (رشتي ٽوڙڻ) جهڙن ڪبيرہ گُناہن جو مُرتَڪب ٿي ويندو آهي، تنهنڪري عافِيت اِنهيءَ ۾ آهي ته پنهنجو بينڪ بيلنس وڌائڻ، خزانن جو ڍير جَمع ڪرڻ، بهترين ۽ مہانگين گاڏين ۾گھمڻ، ٻين جي مِلڪِيَتون ڦٻائڻ ۽ شان ۽ شوڪت سان رہڻ جي حِرْص رکڻ جي بجائي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي طرف کان جيڪي نَعمتون عطا ڪيون ويون آهن اُنہي تي قناعت ڪندي اُن جي رِضا تي راضي رهندي حرص جي گندگين کان پاڻ کي بچائڻ گھرجي ته جيڪي خُوش نصيب ماڻهوحرص ۽ لالچ کان پنهنجو پاڻ کي پَري رکندا آهن اُن جي لاءِ ڪاميابي جي بِشارت آهي جيئن ته سيپاري 28 سُورۃُ الحشر جي آيت نمبر 9 ۾ اِرشادِ خُداوندي عَزَّوَجَلَّ آهي :

وَ مَنۡ یُّوۡقَ شُحَّ نَفۡسِہٖ فَاُولٰٓئِکَ
ہُمُ ا لۡمُفۡلِحُوۡ نَ ۚ﴿۹﴾
(پ ۲۸،الحشر:۹)

تَرْجَمَو ڪنزالايمان: ۽ جيڪو پنهنجي نَفْس جي لالچ کان بچايو ويو پوءِ اہي ئي ڪامياب آهن۔

شيخُ الحديث حضرت علّامہ عبدُالمُصطَفيٰ اَعْظَمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: لالچ تمام ئي بُري خَصْلَت ۽ نِہايت خراب عادت آهي، اللہ تعاليٰ جي طرف کان ٻانهي کي جيڪو رِزْق نعمت ۽ مال ۽ دَولت يا جاہ (يعني عزّت) ۽ مَرتَبو مليو آهي، اُن تي راضي رهندي قناعت ڪرڻ گھرجي۔ ٻين جي دَولتن ۽