Book Name:Shan e Usman e Ghani

حُضُور پُرنُورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي فرمائيندي ٻڌو ته: عُمر ڪيڏو نه سُٺو اِنسان آهي جو بيواهن ۽ يتيمن جي سارسنڀال لهندو آهي، اُنهن جي لاءِ اُن وَقت کاڌو آڻيندو آهي جڏهن ماڻهو عالَمِ خواب (ننڊ) ۾ هوندا آهن۔ حَضرتِ سَيدُنا عُمَر بن خَطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: آئون توهان کان اڳتي نه وڌندس ڇو جو مون پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي فرمائيندي ٻڌو آهي ته: الله عَزَّوَجَلَّ جَيشُ العُسرَه (يعني غزوهء تَبُوڪ جو لشڪر) تيار ڪرڻ واري عُثمان جي مَغفرت فرمائي ڇڏي آهي۔ حضرت سَيدُنا عُثمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: آئون توهان کان اڳتي نه وڌندس، ڇو جو مون پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي دُعا فرمائيندي ٻڌو ته: ياالله عَزَّوَجَلَّ! عُمر بن خطاب جي ذَرِيعي اسلام کي عزّت عَطا فرماءِ! ۽ رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن توهان جو نالو فارُوق رکيو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ توهان جي ذَرِيعي حق ۽ باطل جي دَرْمِيان فَرق ڪيو۔ اِن واقعي جي خبر جڏهن حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ٿي ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٻنهي جي لاءِ دُعا فرمائي ۽ هڪ ٻي سان چڱي انداز سان پيش اچڻ تي سندن تعريف فرمائي۔ (الروض الفائق ،ص:۳۱۳)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان واقعي مان جتي صحابهءِ ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي پاڻ ۾ مَحَبَّت و اُلفَت ۽ هڪ ٻي جو اِحترام ڪرڻ جو مقدَّس جَذبو معلوم ٿيو اُتي سَيدُنا فارُوقِ اَعظَم ۽ سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جي عظمت ۽ شان به واضح ٿي وئي۔ مزيد ان مان هي مدني گُل به مليو ته جڏهن صحابهءِ ڪرامعَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان هڪ ٻي جي مَقام ۽ مرتبي جو اِحترام ڪندا آهن، ته اسان کي به سندن عَظمت ۽ شَوڪت جو خُوب خُوب بيان ڪرڻ گھرجي ۽ نه