Book Name:Shan e Usman e Ghani

تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪنهن ڪم ۾ مشغول هئا ته نمازِ عَصر جو وَقت ٿي ويو۔ حضرتِ سَيدُنا عُمر فَاروقِ اَعظَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن حضرتِ سَيدُنا عُثمَانِ غَني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي اڳتي ڪندي اِمامَت ڪرائڻ جو چيو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن عَرض ڪيو: توهان اِن جا مون کان وڌيڪ حَق دار آهيو جو رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن توهان کي مُقدَّم (اڳتي) فرمايو ۽ توهان جي تعريف ڪئي۔ حَضرتِ سَيدُنا عُمر بن خَطّاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: آئون توهان کان اڳتي نه وڌندس ڇو جو مون سَرڪارِ مدينه، قَرارِ قَلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي اِرشاد فرمائيندي ٻُڌو ته: ”عُثمان ڪيڏو نه سٺو اِنسان آهي جو منهنجو نياڻو آهي ۽ منهنجي ٻن ڌيئرن جو گھروارو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ ان ۾ منهنجو نُور جمع ڪيو آهي۔“ حضرتِ سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: آئون توهان کان اڳتي نه وڌندس ڇو جو مون پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي فرمائيندي ٻڌو آهي ته: الله عَزَّوَجَلَّ عُمر جي ذريعي اسلام کي مڪمل فرمايو۔ حَضرتِ سَيّدُنا عُمَر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: آئون توهان کان اڳتي نه وڌندس، ڇو جو مون سَرڪارِمدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي فرمائيندي ٻڌو آهي ته: عُثمان کان فِرِشتا به حَيا ڪندا آهن۔ حَضرَتِ سَيّدُنا عُثمانِ غَني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: آئون توهان کان اڳتي نه وڌندس ڇو جو مون پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي فرمائيندي ٻڌو آهي ته: الله عَزَّوَجَلَّ عُمَر جي ذَرِيعي دِين جي تڪميل فرمائي ۽ مسلمانن کي عزت بخشي۔ حَضرتِ سَيّدُنا عُمَر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: آئون توهان کان اڳتي نه وڌندس ڇو جو مون سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي فرمائيندي ٻڌو آهي ته: عُثمان قرآنِ پاڪ کي جَمع ڪندو ۽ هي رَحمٰن عَزَّوَجَلَّ جو محبوب آهي۔ حَضرَتِ سَيّدُنا عُثمانِ غَني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: آئون توهان کان اڳتي نه وڌندس ڇو جو مون