Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نِگاه جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بدقسمتي سان جھڙي طرح ماڻهو ڳالهائڻ ۾ بيباڪ آهي، اهڙي طرح ڏسڻ ۾ به بيباڪ آهي، ان کي احساس تائين به نه آهي ته ڏسڻ به هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ان جي لاءِ ثواب يا عذاب جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔ مثال طور جيڪڏهن پنهنجي ماءُ کي محبت ڀري نگاھ سان نهاري ٿو ته هڪ مقبول حج جو ثواب ملندو آهي ۽ جيڪڏهن غير محرم کي شَهوَت سان ڏسي ٿو ته عذابِ نار جو حق دار ٿيندو آهي ڇوته غير محرم عورت کي ڏسڻ انسان جو نه شيطان جو ڪم آهي۔ جيئن ته

حضرت سيدُنا عبد اللہ  بن مَسعُود رَضِى اللہ  تَعَالٰى عَنْه کان مروي آهي ته حضور نبي پاڪ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ آهي: اَلْمَرْاَةُ عَوْرَةٌ فَاِذَا خَرَجَتْ اِسْتَشْرَفَهَا الشَّيْطَانُ عورت عورت (يعني لڪائڻ جي شيء) آهي جڏهن هو نڪرندي آهي ته شيطان ان کي جهاتي پائي ڏسندو آهي۔ (ترمذي،ڪتاب الرضاع،باب: ۱۸،۲/۳۹۲،حديث:۱۱۷۶)

حُجَّةُ الاِسلَام حضرت سيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو شخص پنهنجي اکين کي بند ڪرڻ تي قادر ناهي هوندو اهو پنهنجي شرمگاھ جي به حفاظت نٿو ڪري سگھي۔ (احيا ء علوم الدين،ڪتاب ڪسرالشھوتين،۳ /۱۲۵)

 

دیدے ’’قفلِ مدینہ‘‘ آنکھوں کا   واسطہ چار یار کا یاربّ

 

نظر جي حفاظت جي اهميت جو اندازو هن ڳالھ مان به لڳائي سگھجي ٿو ته قرآنِ پاڪ ۾ هن جي باري ۾ وڏو واضح حڪم ارشاد ٿيو آهي، جيئن

سيپارو 18سوره نور جي آيت نمبر30 ۾ ارشادِ رباني آهي:

قُلْ لِّلْمُؤْمِنِیْنَ یَغُضُّوْا مِنْ اَبْصَارِهِمْ وَ یَحْفَظُوْا فُرُوْجَهُمْؕ-ذٰلِكَ اَزْكٰى لَهُمْؕ-اِنَّ اللّٰهَ خَبِیْرٌۢ بِمَا یَصْنَعُوْنَ(۳۰)