Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

عرض ڪيو: يا رسولَ اللہ  صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! راهن ۾ ويهڻ کان بغير اسان جو چارو ناهي، اسان اتي ويهي ڳالهيون ڪيون ٿا۔ ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن راهن ۾ ويهڻ بغير توهان جو ڪو چارو ناهي ته راھ جو حق ادا ڪريو۔ صحابه ڪرام رَضِى اللہ  تَعَالٰى عَنْهم اَجْمَعين عرض ڪيو: راھ جو حق ڪهڙو آهي؟ ارشاد فرمايائون:

 نظر هيٺ رکڻ، تڪليف ڏيڻ واري شيء کي پري ڪرڻ۔ سلام جو جواب ڏيڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ۔ (بخاري،ڪتاب المظالم والغصب،باب افنيۃ الدورو الجلوس فيها والجلوس علي الصعدات،۲/۱۳۲،الحديث:۲۴۶۵)

فرمايائون: توهان ضرور پنهنجون نظرون هيٺ جهڪائي رکندوء ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪندوء ۽ پنهنجا چهرا سڌا رکندوء يا وري اللہ  عَزَّوَجَلَّ توهان جو شڪليون بگاڙي ڇڏيندو“. (معجم ڪبير،۸/۲۰۸، حديث:۷۸۴۰)

فرمايائون: هڪڙي نظر کان پوءِ ٻي نظر نه ڪريو (يعني جيڪڏهن اوچتو بنا ارادي جي ڪنهن عورت تي نظر پوي ته فورًا نظر هٽائي ۽ ٻيهر نظر نه ڪري) جو پهرين نظر جائز ۽ ٻي ناجائز آهي۔

(ابو داود، ڪتاب النڪاح، باب ما يؤمر به من غض البصر، ۳۵۸/۲، حديث :۲۱۴۹ ملتقطاً)

 

ہر گھڑی شرم و حیا سے بس رہے نیچی نظر                      پیکر شرم و حیا بن کر رہوں آقا مُدام

پهرين نظر مان ڇا مراد آهي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل ٽين حديث پاڪ کي ڪجهه نادان غلط انداز ۾ بيان ڪندي مَعَاذَاللہ  عَزَّوَجَلَّ ڪجھ اهڙي طرح چوندي ٻڌا ويندا آهن ته ”پهرين نظر مُعاف آهي“، تنهنڪري هو پنهنجي نظر هٽائن ئي نٿا ۽ مسلسل بدنِگاهي ڪندا رهندا آهن۔ حالانڪ پهرين نظر مُعاف اها آهي جيڪا عَورت تي بي اختيار پئجي وئي هجي ۽ هڪدم هٽائي وئي، ڄاڻي واڻي پهرين نظر به حَرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ جيئن ته حڪيم الاُمَّت مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته پهرين نِگاھ مان مُراد اها نِگاھ آهي جيڪا بغير قَصْد (يعني ارادي جي بغير)اَجنبي عَورَت تي پئجي وڃي ۽ ٻي نِگاھ مان مُراد ٻيهر ان کي قَصداً (يعني ڄاڻي واڻي) ڏسڻ آهي۔ جيڪڏهن پهرين نظر به ٽڪائي