Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

اچو ترغيب طور صداءِ مدينه لڳائڻ جي هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو، جيئن ته

سرڪار صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاه مان سڏ ٿيو!

ٺينگ موڙ ( قصور پنجاب) جي علاقي الٰهه آباد جي مقيم اسلامي ڀاءُ جيڪو دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ته هو،پر مدني ڪمن ۾ سُستي جو شڪار هو۔ حُسنِ اتفاق سان مُحرَّمُ الحَرام 1431 ھ بمطابق جنوري 2010 ء تي دعوتِ اسلامي جي ڊويزن مُشاورت جي ذميدار اسلامي ڀاءُ سان  ان جي مُلاقات ٿي، جڏهن انهن کي هن جي مدني ڪمن ۾ دلچسپي نه هئڻ جي خبر پئي ته انفرادي ڪوشش ڪندي نه صرف مدني ڪم ڪرڻ جو ذهن ڏنو بلڪ صداءِ مدينه جي پابندي ڪرڻ جي ترغيب به ڏياري، (مسلمانن جي خيرخواهي ڪندي انهن کي نماز فجر جي لاءِ جاڳائڻ کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ ”صداءِ مدينه لڳائڻ چوندا آهن“) ۽ ان باري ۾ اُنهن شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنَّت دَامَتۡ بَرَكَاتُهُمُ الۡعَالِيَه جو فرمان ”صداءِ مدينه ڏيکاري مدينو“ به ٻڌايو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جو ذِهن بڻجي ويو ۽ مديني جي حاضريءَ جي اُميد تي اڳين ڏينهن کان ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو۔ صداءِ مدينه ڇا لڳائڻ شروع ڪئي ان تي ته اللہ  عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪرم ٿي ويو۔ ان جا ڀاڳ کلي پيا، قسمت جو ستارو ائين چمڪيو جو ان کي انهيء سال بارگاھِ مصطفيٰ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حاضري جو شرف حاصل ٿيو۔ وڌيڪ ڪرم اهو جو صداءِ مدينه جي برڪت سان ان جي وڏي ڀاءُ کي به حج جي سعادت نصيب ٿي، حج دوران شيخِ طريقت، اميرِاهلسنّت دَامَتۡ بَرَكَاتُهُمُ الۡعَالِيَه سان بيعت ٿيڻ جو شرف به ملي ويو۔

 

پڑوسی بَنا مجھ کو جنّت میں اُن کا      خدائے محمد برائے مدینہ

لگا فجر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر      ذرا دل لگا کر ’’صدائے مدینہ‘‘

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڪامِل مومن جي سڃاڻپ