Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس تربيت گاھ براءِ اسلامي ڀينرون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي شَرم ۽ حيا کي فَروغ ڏيڻ، بي پردَگي جي زوردار سيلاب کي روڪڻ ۽ بي حيائي جهڙي بُرائي کي پاڙان ختم ڪرڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ دعوتِ اسلامي مختلف شعبا قائم ڪيا آهن، انهن شعبن مان هڪ شعبو مجلس مدني تربيت گاھ براءِ اسلامي ڀينرون“ به آهي۔ اها مجلس اسلامي ڀينرن کي 12 ڏينهن جا مختلف ڪورسز مثال طور خصوصي اسلامي ڀيڻ ڪورس، فيضانِ قرآن ڪورس، فيضانِ نماز ڪورس ۽ مَدَني ڪورسز ڪرائي ٿي۔ انهن ڪورسز ۾ فقه، تجويد، عقائد، سُنّتن ۽ آداب، خُصوصي اسلامي ڀينرن ۾ مدني ڪم ڪرڻ جو طريقو، فيضانِ سوره نُور (تفسير)، سُنّتون ۽ آداب، نماز جا مسئلا ۽ مخصوص سُورتون ياد ڪرائڻ جو سلسلو ٿيندو آهي۔ جيڪڏهن اسان به چاهيون تا ته اسان جي گھر مان به بي پردگي جي نحوست جان ڇڏي، شرعي پردي جون مدني بهارون اچي وڃن، گھر جون عورتون به مدني ماحول ۾ اچي وڃن، اهي به دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ مشغول ٿي وڃون ته براه ڪرم! پنهنجي شهر/علائقي جي ذمه دارانِ دعوتِ اسلامي سان رابطو ڪري انهن کي اسلامي ڀينرن جي مدني تربيت گاهن ۾ ٿيڻ وارا مختلف مدني ڪورسز ڪرايو جيترو وقت ڏيندوء، اللہ  پاڪ جي رحمت کان اُميد آهي ته انهيءَ قدر علمِ دين سکڻ جو موقعو ملي ويندو۔

 اللہ  ڪريم ”مجلس مدني تربيت گاھ براءِ اسلامي ڀينرون“ کي وڌيڪ چاهت سان دين جي خدمت ڪندي رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ