Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

 

سُنَّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں    نیک ہوجائیں مُسَلمان مدینے والے

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

زينت جون سُنّتون ۽ آداب

اچو!مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”سُنّتون ۽ آداب“ صَفحي نمبر78 تان زِينَت (سينگار) جون سُنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا:٭ انسان جي وارن جي چوٽي ٺاهي عورَت پنهنجي وارن ۾ ٻڌي، اهو حرام آهي۔ حديثِ مبارَڪ ۾ ان تي لَعنت آئي بلڪ ان تي به لَعنت آئي آهي جنهن ڪنهن ٻي عورَت جي مٿي ۾ انساني وارن جي چوٽي ٻڌي.

(درمختار،ڪتاب الحظروالاباحۃ،باب في النظرِ والمس،۹/۶۱۴تا ۶۱۵ )

 ٭ جيڪڏهن اهي وار جنهن جي چوٽي ٺاهي وئي پاڻ ان عورَت جا پنهنجا وار ئي آهن جنهن جي مٿي ۾ لڳائي وئي تڏهن به ناجائز آهي۔

(درمختار، ڪتاب الحظروالاباحۃ،ج۹،ص۶۱۴تا ۶۱۵)

 ٭ ڪجھ ماڻهو ڇوڪرن جا به ڪن ٽوپائيندا آهن ۽ والي وغيرہ پارائيندا آهن اهو ناجائز آهي۔ يعني ڇوڪرن جو ڪن ٽوپڻ به ناجائز ۽ان ۾ زيور پائڻ به ناجائز۔

(ردالمحتار ،ڪتاب الحظر والاباحۃ،فصل في اللبس، ۹/۵۹۸ ملخصاً)

٭ عورتن جي هٿن پيرن تي ميندي لڳائڻ جائز آهي، ننڍن ٻارن جي هٿن پيرن تي ميندي هڻڻ ناجائز آهي، ٻارڙين کي ميندي هڻڻ ۾ حرج ناهي۔  (ردالمحتار،ڪتاب الحظر والاباحۃ،فصل في اللبس،۹/۵۹۹ ملتقطاً)

 حضرت سيّدُنا ابوهريره رَضِىَ اللہ  تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته مديني جي تاجدار  صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ هڪ مُخَنَّث (يعني کدڙو) حاضر ڪيو ويو، جنهن پنهنجا هٿ ۽ پير مينديءَ سان رنڱيا هئا۔ ارشاد فرمايائون؛ ان جو ڇا حال آهي؟ (يعني ان ڇو ميندي هنئي آهي؟) ماڻهن عرض ڪيو: هي عورتن جي نقل ڪري ٿو، اسان جي