Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

واپَس موٽڻ تائين آئون پنهنجي (پيرن) آڱوٺن ڏانهن ڏسندو رهيس۔

 (ڪتابُ الْوَرَع، موسُوعَه اِبْنِ اَبِي الدُّنيا ،۱/۲۰۵)

نَرسن جي ڪري اکيون بند ڪري وٺندا هئا

مختلف اسلامي ڀائرن جو بيان آهي ته اسان جڏهن حاجي زم زم رضا عطاري رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه کي اَسپتال کڻي ويندا هئاسين ته پاڻ اڪثر پنهنجون اکيون بند ڪندا هئا ۽ ان جي وَضاحت ڪجھ ائين ڪندا هئا ته اَسپتال ۾ نرسون وغيره هونديون آهن، مان ڊڄان ٿو ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهن تي نگاھ پوي ۽ انهيءَ حالت ۾ منهنجو رُوح پرواز ڪري وڃي۔ رڪنِ شوريٰ حاجي ابو رضا محمد علي عطاري جو بيان آهي ته هڪ ڀيرو مان اَسپتال ۾ سندن عِيادت جي لاءِ موجود هئس، انهيءَ دَوران مون ڏٺو ته پاڻ بار بار اکيون بند ڪري رهيا آهن۔ مون سمجھيو شايد انهن کي ننڊ اچي رهي آهي، ان ڪري مون اجازت گھري ته اوهان سمهي رهو مان هلان ٿو، ته فرمايائون: اوهان تشريف رکو، مون کي ننڊ نه پئي اچي بلڪ نرسن جي سامهون اچڻ جي انديشي تي اکيون بند ڪيان ٿو ته جيئن انهن تي نگاھ نه پوي۔

(محبوب عطار ڪي122 حڪايات، ص ۵۲)

 

بولوں نہ فضول اور رہیں نیچی نگاہیں   آنکھوں کا زباں کا دے خدا قُفلِ مدینہ

 

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته اللہ  وارا نگاهن جي حفاظت جي معاملي ۾ ڪيتري قدر حساس طبيعت وارا هوندا هئا، جيڪي طاقت هئڻ جي باوجود به غير عورتن کي ڏسڻ کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن، انهن کي هن ڳالھ جو ڪامل يقين هوندو آهي ته ڪوئي ڏسي نه ڏسي اللہ  پاڪ ته ڏسي رهيو آهي۔ اي ڪاش! نگاهن جي حفاظت جو اهو مدني جذبو اسان کي به نصيب ٿي وڃي ۽ اسان به اکين جو قفلِ مدينه لڳائڻ وارا بڻجي وڃون۔

اکين جي حفاظت تي استقامت جو هڪ بهترين طريقو هي آهي ته اسان وقت بوقت پنهنجو محاسبو ڪندا رهون، مثال طور پنهنجو پاڻ سان ائين مخاطب