Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

رکي ته به ٻي نگاھ جي حڪم ۾ هوندي ۽ ان (پهرين نظر ڪرڻ) تي به گناھ ٿيندو۔ (مرآة المناجيح،۵/۱۷)

عورت ڏانهن نهارڻ جو حڪم

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”پردي جي باري

 ۾ سوال جواب“ صَفحَي نمبر30 تي شيخِ طريقت، امير اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه مرد جي غير عورت جي چهري کي ڏسڻ يا نه ڏسڻ جي باري ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي ڪجھ ائين تحرير ڪن ٿا: (مرد اجنبي عورت جو چهرو) نه ڏسي۔ جيتوڻيڪ ضرورت پوڻ تي ڪجهه شرطن سان گڏ ڏسي سگهي ٿو، ان جون ڪجهه صورتون بيان ڪندي صدرُالشّريعه، بدرُالطّريقه حضرت علامه مولانا مفتي محمّد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ اجنبي عورت ڏانهن ڏسڻ جو حڪم هي آهي ته (ضرورت جي وقت) اُن جي چهري ۽ هٿ جي تِري جي طرف نظر ڪرڻ جائز آهي ڇاڪاڻ ته اِن جي ضرورت پوندي آهي جو ڪڏهن ان جي موافق يا مخالف گواهي ڏيڻي پوندي آهي يا فيصلو ڪرڻو هوندو آهي جيڪڏهن اُن کي نه ڏٺو هجي ته ڪيئن گواهي ڏيئي سگهي ٿو ته هن ائين ڪيو آهي۔ ان جي طرف ڏسڻ ۾ به اُهو ئي شرط آهي ته شهوت جو خطرو نه هجي ۽ هونءَ به ضرورت آهي جو (اڄڪلهه گهٽين بازارن ۾) گهڻيون عورتون گهر کان ٻاهر اينديون وينديون آهن تنهن ڪري ان کان بچڻ به مشڪل آهي، ڪجهه عالمن پيرن ڏانهن ڏسڻ کي به جائز چيو آهي۔ (ايضاً ص 89) وڌيڪ فرمائن ٿا؛ اجنبي عورت جي چهري جي طرف جيتوڻيڪ نظر جائز آهي جڏهن ته شهوت جو خطرو نه هجي پر هي زمانو فتني جو آهي هِن زماني ۾ اهڙا ماڻهو ڪِٿي جهڙا اڳوڻي زماني ۾ هئا تنهنڪري هن زماني ۾ ان (يعني چهري) کي ڏسڻ جي منع ڪئي ويندي سواءِ گواھ ۽ قاضي جي لاءِ ڇوته ضرورت جي ڪري انهن جي لاءِ نگاھ ڪرڻ جائز آهي۔

(پردے ڪے بارے ۾ سوال جواب،ص۳۰)

ياد رهي! هڪ مسلمان جي لاءِ ان ڳالھ جو علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي