Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُاللہ  , تُوبُوا اِلَـي اللہ ! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

گناهن کان حفاظت جي نرالي دُعا

حضرت سَيدُنا يونس بن يوسف رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي زماني جي مشهور اولياءِ سڳورن مان هئا۔ گھڻو وَقت مسجد ۾ گُذاريندا هئا ۽ پنهنجي رَبّ ڪريم جي عبادت ۾ مشغول رهندا هئا۔ انهن پنهنجي جواني اللہ  عَزَّوَجَلَّ جي عبادت جي لاءِ وقف ڪئي هئي۔ هڪ ڀيري پاڻ مسجد مان ٻاهر اچي رهيا هئا ته اوچتو واٽ تي هڪ نوجوان عورت تي نظر پئجي وئي ۽ دل ڪجھ دير جي لاءِ ان ڏانهن مائل ٿي پر پوءِ هڪدم پنهنجي هن فعل تي شرمسار ٿيا ۽ بارگاھ الٰهي ۾ دُعا جي لاءِ هٿ کنيا ۽ هنن لفظن سان دعا گھرڻ لڳا: اي منهنجا پاڪ پروردگار عَزَّوَجَلَّ! بيشڪ تو مون کي اکيون عطا ڪيون جيڪا تمام وڏي نعمت آهي پر مون کي خطرو لڳي رهيو آهي ته ڪٿي هنن اکين