Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

جي ڪري مان عذاب ۾ مبُتلا نه ٿي وڃان ۽ هي اکيون منهنجي هلاڪت جو سبب نه بڻجي وڃن، اي منهنجا پاڪ پروردگار عَزَّوَجَلَّ! تون منهنجي اکين جو نور کسي ڇڏ۔ جيئن ئي پاڻ دُعا مان فارغ ٿيا، سندن اکين جي روشني ختم ٿي چڪي هئي ۽ پاڻ نابين ٿي ويا هئا، پوءِ پاڻ پنهنجي ڀائٽي کي پاڻ سان گڏ رکندا هئا جيڪو نمازن جي وقت ۾ اوهان کي مسجد تائين وٺي ويندو هو ۽ ٻين معاملن ۾ به اوهان ان کان مدد وٺندا هئا۔ سندن ڀائٽو اوهان کي مسجد ۾ ڇڏي پاڻ ٻارن سان کيڏڻ لڳندو هو۔ جڏهن اوهان کي ڪا حاجت ٿيندي هئي ته ان کي سڏيندا هئا اهڙي طرح وَقت گُذرندو رهيو۔

هڪ ڀيري پاڻ مسجد ۾ هئا ته اوهان کي پنهنجي جسم تي ڪا شيء هلندي محسوس ٿي، پاڻ ڀائٽي کي آواز ڏنو پر هو ٻارن سان راند ۾ مصروف رهيو ۽ اوهان وٽ اچي نه سگھيو۔ اوهان کي خطرو هو ته ڪو نُقصان نه پهچائي۔ پوءِ پاڻ اللہ  عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ ٻيهر فرياد ڪيو اي منهنجا مولٰي! هاڻي مون کي اهو خوف آهي ته جيڪڏهن منهنجي روشني واپس موٽي نه آئي ته ڪڏهن اها منهنجي لاءِ آزمائش ۽ خواري جو سبب نه بڻجي وڃي،ڇاڪاڻ ته مان هاڻي ڏسي ته نه ٿو سگھان، ڪو مُوذي جانور مون کي نُقصان پهچائي سگھي ٿو ۽ هر هر پنهنجي حاجتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ٻين جي مدد دَرڪار هوندي آهي جنهن سبب مون کي گھڻي تڪليف ٿيندي آهي، اي منهنجا مالڪ ۽ مختار پروردگار عَزَّوَجَلَّ! مون کي منهنجو نور موٽائي ڏي ته جيئن مان رُسوائي ۽ ماڻهن جي مُحتاجي کان بچي وڃان۔

حضرت سَيدُنا مالڪ بن انس رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته اڃا هو پنهنجي دُعا کان فارغ به نه ٿيو هو جو انهن جي اکين جو نور موٽي آيو ۽ هاڻي هو پاڻ ٻين جي مدد جي بغير پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿي ويو، مون اوهان کي ٻنهي حالتن ۾ ڏٺو يعني هن حال ۾ به ڏٺو ته اوهان جي بينائي ختم ٿي چڪي هئي ۽ هن حالت ۾ به ڏٺو ته دعا جي برڪت سان اوهان کي ٻيهر اکين جي نعمت عطا ڪئي وئي۔ اوهان پهريان وانگر هاڻي به پاڻ مسجد ڏانهن ويندا هئا ۽